Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

جاہ و جلال دو نہ ہی مال و منال دو

سوزِ بلال بس مری جھولی میں ڈال دو

دنیا کے سارے غم مرے دل سے نکال دو

غم اپنا یاحبیب! برائے بلال دو

ذِکْر و دُرُود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے

میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو

(وسائلِ بخشش مرمّم، ۳۰۵ )

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  صبر ۽ وفا جا پيڪر ۽ اسلام جا حقيقي آئينه دار، اسلام سان محبت ڪرڻ وارا، اسلام جي خاطر پنهنجي جان به ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا، اچو! سندن جي ايمان تي استقامت جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

اسلام جا حقيقي آئينه دار

   حضرت سيدنا عمر بن عاصرَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان گذريس ته سندن کي تپيل زمين تي لٽائي سزا ڏني پئي وئي (گرمي جي شدت ايتري هئي جو) جيڪڏهن هن زمين تي گوشت جو ٽڪرو رکيو وڃي ها ته اهو به پچي وڃي ها، ان حال ۾ به سندن زبان مبارڪ تي اهي الفاظ جاري هئا: مان لات ۽ عزّٰي(يعني بتن) جي خدائي کي نه ٿو مڃان. اهو ٻڌي بدبخت اميّه بن خلف سندن سزا ۾ اڃان اضافو ڪري ڇڏيو ۽ سندن ڳلي کي ايتري زور سان دٻايو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه بي هوش ٿي ويا۔ (سبل الھدی والرشاد،جماع ابواب بعض الامور۔۔الخ،الباب الخامس عشر فی عدوان المشرکین۔۔ الخ،۲/۳۵۷)

ايمان جي اهميت: