Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُکي خاص مقام ۽ مرتبو حاصل آهي، سندن دينِ اسلام جي خاطر تمام گهڻيون تڪليفون برداش ڪيون. خوفِ خدا هجي يا عشقِ رسول، تقوٰي ۽ پرهيزگاري هجي يا عبادت ۽ رياضت، ڪرامت ۽ شرافت هجي يا استقامت، عاجزي ۽ انڪساري هجي يا حسنِ اخلاق، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذات ۾ هنن سمورين خوبين جي جهلڪ نظر ايندي هئي، سندن مقام ۽ مرتبو هي آهي ته غلامن کي سيني سان لڳائڻ واري اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وقت به وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا فضائل بيان فرمايا. اڄوڪي بيان ۾ اسان کين تذڪرو، مختصر تعارف، فضائل خاص ڪري سندن ايمان تي استقامت ۽ عشقِ رسول جا واقعات ٻڌنداسين اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي. اچو! سڀ کان پهريان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

حضرت سيّدنا بلال جي آزادي

      حضرت سَيدنا عُروه بن زُبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن ورقه بن نوفل (جيڪي امّ المومنين حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا سئوٽ هئا) جو گذر حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان ٿيو جڏهن ته انهن کي (اسلام آڻڻ جي ڪري) ماريو پئي ويو ۽ اهڙي حالت ۾ به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ”اَحَدۡ،اَحَدۡ“ يعني الله هڪ آهي، الله هڪ آهي جي صدا لڳائي رهيا هئا. ورقه بن نوفل ڏٺو ته چيائين: بلال! الله ئي جو نالو وٺندا رهو، پوءِ اميّه بن خلف جيڪو حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ماري رهيو هو، ان جي طرف متوجهه ٿي چيائين: الله جو قسم! جيڪڏهن توهان انهن کي هن ڳالهه تي شهيد ڪري ڇڏيندؤ ته مان رحمت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ (هن جي) مزار بڻائيندس.

   هڪ ڀيري اميرالمومنين حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جو گذر حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان ٿيو اهي ماڻهو حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان اهو ئي ورتاءُ ڪري رهيا هئا ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اميّه بن خلف کي فرمايو: هن ويچاري جي معاملي ۾ تون الله کان نٿو ڊڄين. ڪيسيتائين هن کي تڪليف ڏيندو رهندين؟ اميّه چيو: اوهان