Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ايمان تي ڪيتري قدر مضبوطي سان قائم هو. ڪاش! اسان کي به پنهنجي ايمان جي حفاظت جي حقيقي طور فڪر نصيب ٿي وڃي. ياد رکو! اڄڪلھ ڪيئي ڪم اهڙا آهن جن جي ڪري ايمان داءُ تي لڳي ويندو آهي مثال طور گانا ٻڌڻ، اهو به گناھ آهي پر ڪجھ نادان معاذالله اهڙا گانا جهومي جهومي ٻڌندا پيا آهن جن ۾ ڪفريه جملا شامل هوندا آهن، افسوس جو ديني ڄاڻ جي گهٽتائي جي ڪري انهن کي هن ڳالھ جو کٽڪو ئي ناهي ٿيندو. اهڙي طرح جڏهن ڪا مصيبت يا پريشاني اچي ته ڪجھ نادان شڪوه ۽ شڪايت ڪندي اهڙا جملا ڳالهائيندا آهن جيڪي ايمان کي داءُ تي لڳائڻ جو سبب بڻجندا آهن. اهڙي طرح ڪي نادان غير مسلم جي نقالي ۾ ايترو اڳتي نڪري ويندا آهن جو انهن جا اهڙا تهوار ملهائڻ لڳندا آهن جيڪي ايمان کي ضايع ڪرڻ وارا هوندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي ڪرم فرمائي. ۽ اسان کي پنهنجي ايمان جي سلامتي جي فڪر عطا فرمائي. هاڻي اسان حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي ايمان تي استقامت جي متعلق ٻڌو. اچو انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڪجهه ٻڌون ٿا.

ايمان تي استقامت:

اهو به منقول آهي ته حضرت بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دينِ اسلام کان ڦيرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن غير مسلم پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ٻڌي ڪري ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏيندا ها جيڪي سندس کي مڪي پاڪ جي گهٽين چوڪن ۾ گِهليندا وتندا ها، پر ان جي باوجود کين جي زبان تي”اَحَد، اَحَد“ يعني الله هڪ آهي، الله هڪ آهي، جاري رهندو هو. (مصنف لابن  ابی شیبۃ،کتاب الفضائل،باب فی بلال وفضلہ، ۷/۵۳۷، حدیث:۱،ملتقطا)  

اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے

یا رَسُوْلَ اللہ برائے آلِ یاسر یانبی

اي عاشقانِ بلالِ حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ! ٻڌو اوهان ته حضرتِ بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ دين اسلام سان ڪيتري نه محبت ڪندا هئا، دينِ اسلام جي سربلندي جي