Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

واقعا پڙهي ڪري ۽ انهن جو ذڪر مبارڪ ڪري پنهنجي ايمان کي تازو ڪيون. اچو! سندن ايمان تي استقامت جا وڌيڪ واقعا ٻڌڻ کان پهريان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جو تعارف ٻڌون ٿا: جيئن    

مختصر تعارف

     حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ قبيلي بني جُمَعَ جا غلام هئا ۽ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو بلال، والد جو نالو رباح ۽ والدهءِ محترمه جو نالو حمامه آهي. (حلیۃ الاولیاء،بلال بن رباح، ۱/۲۰۰،ملخصاً ) سندن ڪنيت ”ابوعبدالله، ابو عبد الڪريم، ابو عبدالرحمٰن ۽ ابو عَمرو حبشي آهي“(الاستیعاب فی معرفۃ الاصحاب، رقم: ۲۱۴،بلال  بن رباح، ۱ / ۲۱۸) مؤذنِ رسول ۽ سَيّدُ المُؤَذِنِين جي لقبن سان مشهور هئا جيئن حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: بلال هڪ سٺا انسان ۽ آذان ڏيڻ وارن جا سردا آهن(معجم کبیر،۵/۲۰۹، حدیث :۵۱۱۹)۔ ٭ سندن شمار اسلام قبول ڪرڻ وارن پهرين سعادت مندن ۾ ٿئي ٿو۔ (صفۃ الصفوۃ،۱ /۲۲۷ماخوذا)٭ حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اڪيلائي ۾ عبادت ڪرڻ وارا سخاوت ۽ فضل واري، اميرالمومنين حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا آزاد ڪيل غلام آهن۔٭پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي دينِ اسلام قبول ڪرڻ جي سبب تمام گهڻو ستايو ويو ٭ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا خزانچي هئا۔ ٭ حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪرڻ وارا، نيڪين ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ ربِّ ڪريم جي ذات تي ڪامل ڀروسو ۽ يقين رکڻ وارا هئا. (حلیۃ الاولیاء،بلال بن رباح، ۱/۱۹۹)  پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام ۾ سچا ۽ پاڪيزه دل وارا هئا۔ ٭منجهند جي وقت جڏهن گرمي تمام گهڻي هوندي هئي ته اميّه بن خلف انهن کي ٻاهر آڻي پٺيءَ ڀر مڪي جي ريتيلي ميدان تي ڪيرائي ڇڏيندو هو پوءِ وڏو پٿر آڻڻ جو حڪم ڏيندو هو پوءِ ان پٿر کي ان جي سيني تي رکيو ويندو هو پر حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان سخت مصيبت ۾ گرفتار هئڻ جي باوجود ”اَحَد، اَحَد يعني الله هڪ آهي، الله هڪ آهي جي صدا بلند ڪندا رهندا هئا. (حلیۃ الاولیاء، بلال بن رباح،۱ /۲۰۰) ٭ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو وصال 20 سن هجري جو ٿيو۔(ابن عساکر،رقم:۹۷۴،بلال بن رباح،۱۰/۴۴۵)