Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن دعا گهرڻ وارو پاڻ اهڙو آهي جو ان کي ڪجهه نه ڏنو وڃي ته ڪنهن نيڪ جي صدقي ان کي پنهنجي مراد ملي ويندي.

حضرت سيدنا ابوالشيخ اَصبَهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدنا ثابت بناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪئي ته: اسان کي ٻڌايو ويو ته جيڪو شخص مسلمانن مردن ۽ عورتن جي لاءِ خير جي دعا ڪندو آهي، قيامت ۾ جڏهن انهن جي مجلسن وٽان گذرندو ته هڪ چوڻ وارو چوندو: هي اهو آهي جيڪو دنيا ۾ توهان جي لاءِ خير جي دعا ڪندو هو، پوءِ اهي ان جي شفاعت ڪندا ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪري ان کي جنت ۾ وٺي ويندا.

قرآنِ ڪريم جي سيپاري 26، سورة محمد، آيت نمبر 19 ۾ سڀني مسلمانن جي لاءِ دعا ڪرڻ جي باري ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِؕ-  ترجمو: ۽ اي محبوب پنهنجي خاصن ۽ عام مسلمان مردن ۽ عورتن جي گناهن جي معافي گهر.

حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ شخص کي اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِيْ (يعني اي الله! منهنجي مغفرت فرماءِ) چوندي ٻڌو. ته فرمايائين جيڪڏهن سڀني مسلمانن کي دعا ۾ شامل ڪرين ها ته تنهنجي دعا قبول ٿئي ها. ( ردّ المحتار، کتاب الصلاۃ، باب صفۃ الصلاۃ، آداب الصلاۃ، مطلب: في الدعاء بغیر العربیۃ،۲/۲۸۶)  

اي عاشقانِ صحابه! اسان کي به گهرجي ته پنهنجي دعائن ۾ پنهنجي سڀني مسلمان ڀائرن ۽ دوست احباب خاص ڪري والدين ۽ پنهنجي استادن کي ضرور يا رکندا ڪريون، ياد رکو! دعا دنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلائيون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. دعا الله ڪريم کان مناجات ڪرڻ، ان جو قرب حاصل ڪرڻ، ان جي عظيم بارگاهه مان مرادون ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي. دعا بخشش ۽ مغفرت جو پروانو حاصل ڪرڻ ۽ دنيا ۽ اُخروي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي حل جو نهايت آسان ۽ مجرّب ذريعو آهي. دعا هڪ بهترين عبادت ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سنت آهي. دعا گنهگار ٻانهن جي حق ۾ الله ڪريم جي طرف کان هڪ نهايت وڏي نعمت ۽ سعادت آهي.