Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ناڪافي آهي، پر سندن جو هڪ وصف بي مثل ۽ بي مثال آهي ۽ اهو آهي عشقِ رسول، هونئن ته عشقِ رسول، تمام صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دلين جي ڌڙڪن هو، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي آقا جي محبت ۽ غلاميءَ ۾ ائين گم رهندا هئا جو انهن کي دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان ڪو مطلب نه هوندو هو. هو سڀ ڪجهه برداش ڪري سگهندا هئا، پر انهن کي ڪڏهن اهو پسند نه هو جو ڪو سندن آقا جي مبارڪ شان ۾ ٿوري به بي ادبي ڪري، انهيءَ عشقِ ڪامل جي ڪري سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دنيا ۽ آخرت ۾ اهڙو مقام ۽ مرتبو ۽ عزت ملي جو انهن جي قسمت تي رشڪ اچي ٿو، هي انهن جي عشق جو ڪمال هو جو مشڪل کان مشڪل وقت ۾ به رسول الله سان ملڻ جو شوق انهن کي تڙپائيندو رهندو هو، ايتري تائين جو ساهه نڪرڻ وقت به سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پنهنجي محبوب سان ملڻ جي خوشي هئي، اچو! پنهنجي دلين ۾ عشقِ رسول کي وڌائڻ جي نيت سان سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول جو اهڙو ئي هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

حضور سان ملڻ جي خوشي

جڏهن مؤذنِ رَسولُ الله سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تي نزع جو عالم طاري ٿيو ته انهن جي گهرواريءَ بيقرار ٿي هي چيو: ”وَاحُزنَاہُ“ هاءِ مون تي مصيبت! سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اکيون کولي ورتيون ۽ بيقرار ٿي فرمايائون ”وَاطَرَبَاہُ “ واهه منهنجي خوشي! آخري ڪلما جيڪي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي مبارڪ زبان مان نڪتا اهي هي هئا غَدًانَلْقَی الْاَحِبَّۃَ مُحَمَّدًا وَّحِزْبَہُ يعني سڀاڻي مان پنهنجي آقا ڪريم حضرت سيدنا محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀني صحابه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم سان وڃين ملندس. (احیا ء العلوم ،کتاب ذکرالموت، الباب الخامس، ۵/۲۳۱)

قسمت مجھے مل جائے بلالِ حبشی کی

دم عشقِ محمد میں نکل جائے تو اچھا