Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ويندو. (ابن عساکر،رقم: ۹۷۴،بلال بن رباح، ۱۰/۴۵۹،حدیث:۲۶۵۵، ملتقطاً) 

2۔ حضور نبي ڪريم، صاحب خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: بروز قيامت بلال اهڙي ڏاچيءَ تي سوار ٿي ايندو جنهن جو ڪجائو سون ۽ ياقوت سان مزين هوندو، انهن جي هٿ ۾ جهنڊو هوندو سمورا مؤذن انهن جي پٺيان پٺيان هوندا ۽ هِن طرح بلال جي اڳواڻيءَ ۾ اهو قافلو جنت ۾ داخل ٿيندو ايستائين جو اهو به جنت ۾ داخل ٿي ويندو جنهن صرف 40 ڏينهن الله پاڪ جي رضا خاطر آذانون ڏنيون هونديون. (ابن عسا کر،رقم:۹۷۴،بلال بن رباح، ۱۰/۴۶۰، حدیث: ۲۶۵۷)

 صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                           صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هڪڙو وصف هي به هو ته هو آذان ڏيندا ها. آذان ڏيڻ ڏاڍو پيارو عمل آهي. اسان کي به گهرجي ته رضاءِ اِلاهي جي لاءِ موقعو ملڻ تي اها سعادت به حاصل ڪندا ڪريون. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جن ۽ انسان ۽ جيڪا به شيءِ مؤذن جو آواز ٻڌي ٿي بروزِ قيامت ان جي گواهي ڏيندي. ( بخاری، کتاب الاذان، باب رفع الصوت بالنداء، حدیث:۶۰۹، ۱/۲۲۲)

   اهڙي طرح امامت ڪرڻ به تمام وڏي سعادت آهي. رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن ٽي شخص مشڪ جي دَڙن تي هوندا، نه ئي اهي غمگين ٿيندا ۽ نه ئي گهٻراهٽ جو شڪار جڏهن ته ماڻهو گهٻراهٽ ۾ هوندا. انهن مان هڪ اهو شخص به آهي جنهن قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي پوءِ رضاءِ اِلاهي جي خاطر ثواب جي اميد تي ڪنهن قوم جي امامت ڪئي. ( معجم الکبیر، ۱۲/ ۳۳۱، حدیث:۱۳۵۸۴)

 الله پاڪ اسان کي هنن ٻنهي سعادتن کي ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد