Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

الله ڪريم دعوتِ اسلامي جي تمام مجلسن کي اڃا وڌيڪ ترقيون ۽ برڪتون عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ختم ڪندي شڪر جي باري ۾ ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو.

پهريان 2 فرمانِ مصطفٰي ملاحظه ڪيو: (!) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ کي اهو پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري. (مسلم،کتاب الذکر والدعاء، الخ، باب استحباب حمد اللہ۔۔۔الخ،ص۱۱۲۲،حدیث۶۹۳۲)  (2) ارشاد فرمايائون: توهان کي گهرجي ته زبانون ذڪر ۽ دليون شڪر سان آليون رکو. (شعب الایمان،باب فی محبة اللہ،فصل فی ادامة ذکر اللہ،۱/۴۱۹،حدیث:۵۹۰،ملتقطاً) ٭  شڪر اعلٰي درجي جي عبادت آهي. ( شکر کے فضائل،ص۱۲)٭  الله پاڪ جي نعمتن تي شڪر ڪرڻ واجب آهي. (خزائن العرفان،پ۲،البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲) ٭ شڪر جي توفيق عظيم سعادت آهي. (ایضاً ،ص۱۲)  ٭شڪر ۾ نعمتن جي حفاظت آهي. (ایضاً ،ص۱۲) ٭ شڪر ئي سان نعمتون وڌنديون آهن. (ایضاً ،ص۱۲) ٭شڪر الله وارن جي عادت آهي. (ایضاً ،ص۱۲)٭ نعمت ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي صورت ۾ ٻانهو عذاب کان محفوظ رهندو آهي. (صراط الجنان ،۴/۴۰۶) ٭عبادت بنا شڪر جي مڪمل ناهي ٿيندي. (بیضاوی،۱/۴۴۹، پ۲، البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲)  ٭شڪر تمام عبادتن جي اصل آهي. (تفسیر کبیر،۲/۱۹۱ پ۲،البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲) ٭  حضرت سيدنا ابوبڪر شبليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ شڪر اهو آهي ته نظر نعمت عطا ڪرڻ واري تي هجي نه وري نعمت تي. (احیاءالعلوم،کتاب الصبروالشکر،۴/۱۰۳)  ٭حضرت سيدنا سليمان واسطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي ياد ڪرڻ سان دل ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ٿيندي آهي. (تاریخ مدینہ ابن عساکر،۳۶ /۳۳۴، حدیث: ۴۱۳۳)٭ حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي شڪر جي ذريعي محفوظ ڪري وٺو. (حلیۃ الاولیا،۵/۳۷۴،حدیث: ۷۴۵۵) ٭  امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: دل جو شڪر اهو آهي ته نعمت سان خير ۽ نيڪي جو ارادو ڪيو وڃي. زبان جو شڪر اهو آهي ته ان نعمت تي الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء بيان ڪئي وڃي. ٭ باقي اعضاء جو شڪر اهو آهي ته الله پاڪ