Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت جي تڪليف

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي 649 صفحن تي مُشتمل ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ جي صفحي 553 تي آهي: (هڪ ڀيرو الله پاڪ جا نبي) حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام، حضرتِ سيدُنا نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پٽ حضرتِ سيدُنا سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قَبر وٽان لنگھيا ته بني اِسرائيل عَرض ڪيو: ”اي رُوحُ الله! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھرو ته هو هن قَبر واري کي زِندھ ڪري ته جيئن اسان هن کان موت جو تَذڪرو ٻڌون۔“ پوءِ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان قَبر جي ويجھو ٻه رَڪعتون نماز اَدا ڪرڻ کان پوءِ الله پاڪ کان حضرتِ سام بن نوح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي زِندھ ڪرڻ جي دُعا گھري ته الله پاڪ اُن کي زِندھ فرمائي ڇڏيو۔ اهو مٿي تان مٽي ڇنڊيندي بيهي رهيو، ان جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار اڇا هئا۔ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام  ان کان پڇيو: هي  وارن جي اڇاڻ ته تنهنجي زَماني ۾ نه هئي؟ اُنهن فرمايو: يا رُوحَ الله! مان آواز ٻڌي سمجھيس ته قِيامت قائم ٿي چڪي آهي، ان جي خوف سبب منهنجي مٿي ۽