Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ٭ مدني انعامات ڇا آهن؟ ٭ فڪرِ مدينه ڪيئن ڪئي وڃي؟ ٭ مدني انعامات جا مقصد ٭ مدني انعامات جي درجه بندي، ٭ ڪجھ مدني انعامات جا طبّي ۽ سائنسي فائدا، ٭ اجتماعي فڪرِ مدينه جو طريقو ٭ مدني انعامات جون برڪتون، ٭ مدني انعامات بابت فرامينِ امير اهلسنّت ٭ مدني انعامات جي باري ۾ مرڪزي مجلس شورٰي جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ مدني انعامات بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطن تي مشتمل سوالن جا جواب وغيره ۔

      ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇُڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تمام گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

مدني انعامات جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جي بدولت  ڪثير اسلامي ڀائرن کي برڪتون حاصل ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن، جيئن

صوبي پنجاب جي شهر فيصل آباد جي آسپاس ۾ رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڏيڍ سال ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو جو ان فڪر ِمدينه (پنهنجن عملن جو محاسبو ڪرڻ کي دعوتِ اسلامي جي اِصطلاح ۾ فڪرِ مدينه چيو ويندو آهي) نه ڪئي هجي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني انعامات تي عمل جي برڪت سان ان کي سوره ملڪ زباني ياد ٿي وئي، اهڙي طرح حيدرآباد (باب الاسلام سنڌ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي رجبُ المُرَجَّب سن 1426 هجري جي هڪ رات خواب ۾