Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

۸۴۶ مُلَخَّصاً (بهارشريعت،۱/۸۴۶ مُلَخَّصاً) ٭ دفن کان بعد قَبر تي اذان ڏيڻ ثواب جو ڪم ۽ ميت جي لاءِ نهايت نَفعي بخش آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۵/۷۰ ۳ماخوذاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي(پنهنجي اصلاح جو نسخو) هن بيان ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ نفس جي اصلاح جي حوالي سان ارشادات ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ جي حوالي سان به مدني گل پيش ڪيا ويندا، اصلاح جو بهترين ذريعو، نفس جي محاسبي جي اهميت ۽ ان جي فائدن جي متعلق به ٻڌنداسين، بزرگانِ دين جا نفس جي اصلاح جي حوالي سان ڪجھ واقعا به پيش ڪيا ويند، اڄ جي دور ۾ اسان روزانو جي بنياد تي پنهنجو محاسبو ڪهڙي طرح ڪري سگهون ٿا ۽ ان کان علاوه ڪيئي پيارا پيارا مدني گل ٻڌڻ جي سعادت ماڻينداسين. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد