Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

قَبر ۽ دفن جا مَدَني گل

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! قَبر ۽ دَفن جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ ٭ هڪ قَبر ۾ هڪ کان وڌيڪ بِنا ضَرورت دَفن ڪرڻ جائز نه آهي ۽ ضَرورت هجي ته دفن ڪري سگھو ٿا۔ (بهار شريعت جلداوّل ص۸۴۶، عالمگيري ج۱ ص۱۶۶) ٭ ميت قَبر کي قبر ۾ قبلي جي طرف رکڻ مُستَحب آهي ته جيئن ميت قبلي واري پاسي کان قَبر ۾ لاٿي وڃي۔ قَبر جي پيراندي (يعني پيرن واري جڳھ) رکي مٿي ڏانهن نه آڻيو۔ (بهارِ شريعت ج۱، ص ۸۴۴) ٭ حَسبِ ضَرورت ٻه يا ٽي ۽ بهتر هي آهي ته طاقتور ۽ نيڪ ماڻهو قَبر ۾ لهن۔ عَورَت جي ميت کي مَحارِم لاهين اهي نه هجن ته ٻيا رِشتيدار، اهي به نه هجن ته پرهيزگارن کان لهرايو۔ (عالمگيري ج ۱ ص۱۶۶) ٭ عَورَت جي ميت کي قبر ۾ لاهڻ کان وٺي ڪري تختا لڳائڻ تائين ڪنهن ڪپڙي کان لڪائي رکو۔ ٭ قَبر ۾ لاهڻ وَقت  هي دُعا پڙھو: بِسْمِ الله وَبِالله وَعَلٰي مِلَّۃِ رَسُوْلِ الله ۔ (تنوير الابصار ج۳ص۱۶۶) ٭ قَبر ڪچّي سرن سان بند ڪريو جيڪڏهن زَمين نَرم هجي ته (ڪاٺ جا) تختا لڳائڻ به جائز آهن۔ (بهارِشريعت ج۱ص۸۴۴) ٭ هاڻي مِٽّي ڏني وڃي، مُستَحَب اهو آهي ته سيراندي کان ٻنهي هٿن سان ٽي ڀيرا مٽي وجھو۔ (جوهره ص۱۴۱) ٭ جيتري مِٽي قَبر مان نڪتي آهي ان کان وڌيڪ وجھڻ مڪروھ آهي۔ (فتاويٰ هنديۃ،۱/۱۶۶) ٭ قَبر چَوڪنڊي (يعني چار ڪنڊن واري) نه بڻايو بلڪه ان ۾ ڍال رکو جيئن اُٺ جي ڪوهان، (دفن کان پوءِ) ان تي پاڻي ڇنڊڻ بهتر آهي، قَبر هڪ گرانٺ اُونچي هجي يا معمولي وڌيڪ۔ (بهارشريعت،۱/