Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

سان هر وَضاحت ڪرڻ وارو عاجِز آهي۔ ان جي حقيقت ان کي ئي خبر آهي جيڪو هن مَرحَلي مان گُذري چڪو هجي۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص۱۸۳)

سڪرات جي شدّت ۽ فرامينِ مُصطفيٰ:

 سڪرات جي وقت ايندڙ تڪليف کي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي هنڌن تي بيان فرمايو آهي، اچو! هن باري ۾ ڪجھ فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا:

1۔ حضرت سيدُنا حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته رحمت عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موت جي تڪليفن ۽ ان جي نڙي ۾ اٽڪڻ جو ذِڪر ڪندي فرمايائون: اها تڪليف تلوار جي ٽي سو (300) وَارن جي برابر آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۳، حدیث:۱۹۲)

2۔ بارگاھ رِسالت ۾ موت ۽ ان جي سختي جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته ارشاد فرمايائون: آسان ترين موت هڪ ڪنڊيدار ٽاريءَ جيان آهي جيڪا ڪپھ ۾ ڦاٿل هجي، پوءِ جڏهن به ان کي ڪپھ مان ڪڍيو ويندو ان سان گڏ ڪپھ ضرور ايندو۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۳، حدیث:۱۹۴)

3۔ ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ مَريض جي عِيادت ڪئي، پوءِ اِرشاد فرمايائون: مون کي خبر آهي ته هن تي ڇا گُذري رهيو آهي، ان جي ڪابه رَڳ اهڙي نه آهي جنهن تي الڳ الڳ موت جي تڪليف جو اَثر نه ٿي رهيو هجي۔ (مسند البزار، مسند سلمان الفارسی، ۶/ ۴۸۰، حدیث:۲۵۱۲)

4۔ آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪڏهن مُردي جو هڪ وار به زمين ۽ آسمان وارن تي رکيو وڃي ته سڀ جا سڀ الله پاڪ جي حڪم سان مَري وڃن ڇوته هر وار ۾ موت هوندو آهي ۽ جنهن شيء تي به موت پئجي وڃي اها به مري ويندي آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۲، حدیث:۱۹۰)