Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ڪيو: ”اي بابا سائين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)! اوهان ته هيئن هيئن فرمائيندا هئا۔“ ته اُنهن ارشاد فرمايو: ”اي منهنجا پٽ! موت ان کان وڌيڪ سَخت آهي جو ان کي بيان ڪيو وڃي، وري به مان ڪجھ ٻڌايان ٿو۔ الله پاڪ جو قسم! ڄڻ منهنجي ڪلهن تي رَضۡوٰي (هڪ مشهور جبل) ۽ تِهامه جا جبل رکيا ويا آهن ۽ ڄڻ منهنجو رُوح سُئي جي سوراخ مان ڪڍيو پيو وڃي، ڄڻ منهنجي پيٽ ۾ هڪ ڪنڊيدار ٽاري آهي ۽ آسمان، زمين سان ملي ويو آهي ۽ مان انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهيان۔ (المستدرڪ،ڪتاب معرفة الصحابة، باب وصف الموت في حالة النزع،۵/۵۶۹،حديث۵۹۶۹)

موت ائين جيئن زنده جھرڪي کي ڀُڃڻ

      منقول آهي ته حضرتِ سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کان الله ڪريم پڇيو ته موت کي ڪيئن محسوس ڪيو ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جواب ڏنائون: موت ان جھرڪي جيان آهي جنهن کي زندھ ڪڙهائي(تئي) ۾ ڀڃيو وڃي، هاڻي نه ته اها مري جو راحت ماڻي ۽ نه نجات ماڻي جو اڏامي وڃي۔ (احياء علوم الدين،ڪتاب الذڪروالموت ومابعدھا،باب ثالث في سڪرات الموت۔۔۔ الخ ، ۵/۲۱۰)

موت جي شِدّت

          هڪ بُزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ اچي ٿو ته اهو بيمارن جي تمام گھڻي عِيادَت ڪندو ۽ پڇا ڪندو هو ته: توهان موت کي ڪيئن محسوس ڪيو؟ جڏهن سندن جو آخري وَقت آيو ته ڪنهن پڇا ڪئي: اوهان موت کي ڪيئن محسوس ڪيو ٿا؟ فرمايائون: ڄڻ آسمانن کي زمين سان ملايو ويو آهي ۽ منهنجو رُوح سُئي جي سُوراخ مان نڪري رهيو آهي۔ (احياء العلوم، ۵/۵۱۷)

الٰہی بُھول جاؤں نَزع کی تکلیف کو

شادیِ  دِیْدارِ حُسنِ مُصْطفےٰ کا ساتھ ہو!

 (حدائقِ بخشش، ص ۱۳۲)

مختصر وضاحت:يعني اي مالڪ ڪريم! موت جون سختيون ۽ تڪليفون تمام شديد آهن،  جيڪڏهن مرڻ مهل تنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم