Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

5۔ هڪ ٻي هنڌ تي فرمايائون: مُعَالَجَۃُ مَلَکِ الْمَوْتِ اَشَدُّ مِنْ اَلْفِ ضربۃٍ بِالسَّیْفِ  ”يعني موت جو هر جھٽڪو تلوار جي هزار وار کان سَخت تَر آهي“۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب الموت، باب الثاني، ۱۵/۲۴۰،حديث ۴۲۱۸۳)

عَطاکرعافیّت تُونَزع و قَبْر و حَشْر میں یارَبّ           وَسیلہ فاطمہ زَہرا کا کر لُطف و کرم مَولیٰ

(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۹۸)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت جون تڪليفون ۽ اسان جو نازڪ مزاج

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو! هنن حديث سڳورين ۾ روح نڪرڻ وقت جي تڪليف ۽ شدت کي جهڙي طرح بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرڻ وارو شديد تڪليف ۽ درد ۾ مبتلا هوندو آهي۔ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان ته تمام گھڻا نازڪ مزاج آهيون، اسان اهو سڀ ڪيئن برادشت ڪنداسين؟ اسان جو حال ته اهو آهي جو مڇر جو ڏنگ به اسان کان برداشت ناهي ٿيندو، اسان جو حال ته اهو آهي جو معمولي تڪليف ٿئي، ته اسان سڄي گهر جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهيون، اسان جو حال ته اهو آهي جو اسان کي نزلو ۽ زڪام به ٿي وڃي ته اسان کان برداشت ناهي ٿيندو، اسان جو حال ته اهو آهي جو پير مڙي پوي  ته دانهو ڪندا آهيون، اسان جو حال ته اهو آهي جو مٿي ۾ سور ٿئي ته اسان ان تي بي صبري جو مظاهرو ڪندي ڄڻ ته سڀني جي مٿي ۾ سور ڪندا آهيون، اسان جو حال ته اهو آهي جو جسم جو هلڪڙو سور به اسان کي بستر تان اٿڻ ناهي ڏيندو، جڏهن اسان ايترا نازڪ طبيت آهيون ته سڪرات مهل طاري ٿيڻ وارين تڪليفن جي شدّت کي ڪيئن برداشت ڪنداسين؟ الله پاڪ اسان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ عافيت ،عافيت ۽ عافيت نصيب فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنْ صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ