Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

،۲/۴۲۰،حديث:۳۳۴۹ملخصاً) اتي هر هڪ کي پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو پوندو۔ (پ۱۳،ابراهيم:۴۸) ان کي قيامت چوندا آهن۔

ڇا اسان قيامت کان ڊڄون ٿا؟

      اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان قيامت کان ڪيترو ڊڄون ٿا؟ اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان قيامت کان ڪيترو خوف ڪيون ٿا؟ اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته قيامت جو ڪيترو ڊپ اسان جي دلين ۾ آهي؟ اڄ اسان جي لاپرواهين ۽ غفلتن جو سلسلو وڌندو پيو وڃي، ظاهري طور ائين لڳي ٿو جيئن قيامت جو ڊپ، جهنم جي عذاب جو ڊپ، پُل صراط جو ڊپ، ميدانِ محشر جي هولناڪين جو ڊپ، حساب ڪتاب جو ڊپ، قبر جي عذاب جو ڊپ ۽ موت جو ڊپ اسان جي دلين مان نڪرندو پيو وڃي۔

      غور ته ڪريو ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي ڪا نماز قضا ٿي سگھي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا فرض روزا رکڻ ۾ سُستي ٿي سگھي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان زڪوٰة ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪيون ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا ٻين جون غيبتون ڪيون ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان ڪوڙ ڳالهائي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا هٿ حرام ڏانهن وڌن ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جون اکيون حرام ڏانهن کڄن ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا پير حرام ڏانهن اڳتي وڌن ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا ڪن حرام ٻڌڻ ۾ مشغول ٿين ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان حرام سان آلوده ٿئي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا حرام ڪمائي اسان