Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ڏاڙھي جا وار اڇا ٿي ويا۔ حضرتِ سيدنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پڇا ڪئي: توهان جي اِنتقال کي ڪيترو عَرصو گذري چڪو آهي؟ اُنهن ٻڌايو: منهنجي انتقال کي چار هزار(4000) سال گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين موت جي سختي ۽ تڪليف مون کان ختم ناهي ٿي۔ (حڪايتيں اورنصيحتيں ۵۵۳)

جاں کَنی کی تکلیفیں ذَبْح سے ہیں بڑھ کر کاش!                     مُرْغ بن کے طَیْبہ میں ذَبْح ہو گیا ہوتا

کاشکے میں دُنیا میں پیدا نہ ہُوا ہوتا                                   قَبْر و حَشْر کا ہر غم خَتْم ہو گیا ہوتا

(وسائلِ بخشش  مُرمّم، ص ۱۵۸۔۱۶۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته موت جو ذائقو ڏاڍو تلخ  هوندو آهي، ان جي سختي ڏاڍي تيز هوندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪريو  جڏهن 4 هزار سال گذرڻ جي باوجود به موت جي سختي ختم ناهي ٿي ته جنهن وقت موت ايندو، ان وقت جيڪا موت جي تڪليف ۽ سختي محسوس ٿيندي ان جو حال ڪهڙو هوندو ۽ ان ۾ ڪيتري شدّت هوندي؟

  ٻي ڳالھ اها به ٻڌو ته هن روايت ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام حضرت سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيائون ته ان جا وار ڪيئن سفيد ٿي ويا جڏهن ته ان جي دور ۾ وار اڇا نه ٿيندا هئا، ته ياد رکو ته رُوءِ زمين تي سڀ کان پهريان حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا وار اڇا ٿيا، انهن کان پهريان ماڻهو پوڙها ٿي ويندا هئا پر انهن جا وار اڇا نه ٿيندا هئا، سڀ کان پهريان جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا وار اڇا ٿيا ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام  الله پاڪ کي عرض ڪيو: مالڪ هي ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اهو وقار آهي۔ سندن عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي منهنجا ربّ! منهنجي وقار کي اڃان وڌائي۔ (مرآة المناجيح، ۶/۱۹۳ ملخصاً) جڏهن ته حضرت سام بن نوح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو زمانو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کان پهريان جو آهي،