Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

پڇا ڪيائين! اي دوست، ساھ نڪرڻ وقت ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي؟ جواب ڏنائين: مون کي ڪا تڪليف محسوس نه پئي ٿئي، ڇوته مون عالمن سڳورن کان ٻڌو آهي ته جيڪو شخص حبيبِ خدا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، ان کي الله پاڪ موت جي تڪليف کان امن ڏيندو آهي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً اهي اِسلامي ڀائر ڏاڍا خُوش نصيب هوندا آهن جيڪي اٿندي، ويهندي، هلندي، ڦرندي سمهندي، جاڳندي، وضو بي وضو، درود شريف پڙھندا ئي رهندا آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ درود پاڪ جي  ڪثرت ڪرڻ جي برڪت سان سڪرات جون سختيون آسان ٿي وينديون ۽ قبر ۽ آخرت جون منزلون به آسانيءَ سان طئي ٿينديون۔ اي ڪاش! جو اسان به درود پڙهڻ وارا بڻجي وڃون ۔۔۔

بیٹھتے اُٹھتے جاگتے سوتے                                              ہو اِلٰہی مرا شِعار دُرُوْد

جان نکلے تو اس طرح نکلے                                            تجھ پر اے غمزدُوں کے یار دُرُوْد

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے                              لب سے جاری ہو بار بار دُرُوْد

(ذوقِ نعت، ص،۱۲۴،۱۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.