Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

آمنہ کے پسر ، خیر سے ہوں بسر                               زیست کے پیچ و خم، تاجدارِ حرم

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۴۸)

مختصر وضاحت: اي بي بي آمنه  جا لال صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ! اهڙو ڪرم فرمايو جو اسان جي زندگي جا معاملا ڀلائيء سان گذرن.

موت کي ياد ڪر يو !

ٿورو سوچيو ته سهي، اهو ڪهڙو منظر هوندو ٭ جڏهن اسان جو روح اسان جي بدن جو ساٿ ڇڏي رهيو هوندو، ٭ موت جا ملائڪ رڳ رڳ مان روح ڪڍي رهيا هوندا، ٭ اسان جو هوش ۽ حواس ختم ٿي چڪا هوندا، ٭ اسان سڀ سمجھي رهيا هونداسين پر ڳالھائڻ جي طاقت نه هوندي، ٭ سڀ ڪجھ ڏسي رهيا هونداسين پر بيان ڪرڻ جي همت نه هوندي، ٭ روح ڪڍڻ وارا ملائڪ اسان جي سامهون هوندا ٭ روح کڻي وڃڻ وارا ملائڪ اسان کي گھيري وٺندا، ٭ اهو موت جنهن کان اسين ناپسند ڪندا هئاسين، اهو پنهنجي تمام تر حقيقتن سان اسان جي سامهون هوندو، ٭ اهو موت جنهن کان اسان ڀڄندا هئاسين اڄ اهو اسان کي ڀڄڻ نه ڏيندو، ٭ اهو موت جنهن کان اسان غافل ٿي ويا هئاسين اڄ اهو اسان جي غفلت جي پردي کي هٽائي ڇڏيندو، ٭ اهو موت جنهن کي اسان وساري ڇڏيو هو اڄ اهو اسان کي خوب ياد اچي رهيو هوندو۔ ٭ دنيا جو اهو ساز ۽  سامان جيڪو هڪ هڪ ڪري اسان گڏ ڪيو هوندو سڀئي اسان کان پري ٿي ويندو، ٭ مال ۽  دَولت به پري ٿي ويندي،٭  بنگلو ۽ گاڏي به جُدا ٿي رهي هوندي، ٭ بينڪ بيلنس کان به اسان نااُميد ٿي رهيا هونداسين، ٭ گهر جا ڀاتي به ساٿ ڇڏي ڏيندا، ٭ اسان جو جسم ٿڌو ٿي رهيو هوندو، ٭ پهريان پير ٿڌا ٿيندا ٭ پوءِ ڀيڏيون ٿڌيون ٿينديون ٭ پوءِ ٽنگن مان روح نڪري ويندو، ٭ پوءِ آهسته آهسته سڄو بدن بي جان ٿي ويندو۔ ٭ جسم جي گرمي آهسته آهسته ٿڌاڻ ۾ بدلجي ويندي، ٭ کڙي کان کڙي ملائي ويندي، ٭ زبان تارونءَ کان لڳي رهي هوندي، ٭ اکين