Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

مجلس تجهيز ۽  تڪفين

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان موت جي  ذائقي ۽ ان جي تڪليف  بابت بيان ٻُڌو، يقيناً اهو دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ئي آهي جيڪو اسان کي دنيا سان گڏوگڏ آخرت جي فڪر جي به تلقين ڪري ٿو، اسان سڀئي هن مدني ماحول سان وابسته ٿي موت کي ياد رکندي آخرت جي تياري ۾ لڳي وڃون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي هن وقت 107 شعبن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ دِين جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس تجهيز و تڪفين“ به آهي، هن مجلس جي ڪمن ۾، شريعت ۽ مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار جي مطابق مسلمان ميتن جي غسل ۽ ڪفن ۽ پونئرن جي غمگساري جا سمورا معاملا سر انجام ڏئي ثواب ڪمائڻ آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مجلس تجهيز و تڪفين جي تحت وقت به وقت، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ ذِميدار ۽ عاشقانِ رسول جي سُنّتن ڀري اجتماعات جو به انعقاد ڪيو ويندو آهي۔ مجلس تجهيز و تڪفين تحت ٽيجھو، چاليهو ۽ ورسي جي موقعن تي ايصالِ ثواب جي اجتماع جي به ترڪيب ڪئي ويندي آهي ۽ هن ۾ رسالا ورهائڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي۔

                     اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مجلس تجهيز و تڪفين ۽ مجلسِ آئي ٽي جي ڪوشش سان عاشقانِ رسول جي آساني جي لاءِ موبائل ايپليڪيشن Muslim's Funeral(تجهيز و تڪفين) جي نالي سان بڻائي وئي آهي جنهن ۾ سڪرات جي وقت جا اهم ڪم، غسلِ ميت جو مڪمل طريقو، ڪفن  تيار ڪرڻ جو طريقو، جنازي جي نماز جو طريقو، قبر ٺاهڻ ۽ دفنائڻ جا تمام معاملا D3 Videoجي مدد سان سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. علمِ دين سکڻ جو جذبو رکڻ وارا اسلامي ڀائر هن ايپليڪيشن کي پلي اسٽور (Play Store) تان Muslim's Funeral  جي نالي سان سرچ ڪري انسٽال ڪري سگهن ٿا.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد