Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

نزع میں رَبِّ غَفّار تجھ سے                                           موت سے قبل بیمار تجھ سے

طالبِ جلوۂ مُصْطفٰے ہے                                                 یا خُدا تجھ سے میری دُعا ہے

وِردِ لب کلمہ طَیِّبَہ ہو                                                    اور ایمان پر خاتمہ ہو

آ گیا ہائے وقتِ قضا ہے                                               یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

یاخدا ماہِ رَمَضاں کے صدقے                                        سچی توبہ کی توفیق دیدے

نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے                                           یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

 (وسائلِ بخشش مرمّم، ص  ۱۳۵، ۱۳۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت کان پهريان سچي توبه ڪريو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ هن کان پهريان جو اسان به سڪرات جي دَردناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃون، ٭ هن کان پهريان جو روح نڪرڻ جي تڪليف سان اسان جو جسم به مفلوج ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو اسان کي به موت جا ملائڪ گھيري وٺن، ٭ هن کان پهريان جو موت جو وقت اچي پهچي ۽ توبه جو دروازو بند ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو حسرت ۽ ندامت اسان کي گهيري وٺي، اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي موت اچڻ کان پهريان پهريان الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي معافي گھرڻ گھرجي۔ اي ڪاش! اسان هر رات کي پنهنجي زِندگي جي آخري رات تصور ڪريون، هر رات سمهڻ کان پهريان پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪري سمهون، اي ڪاش! صَلٰوة التَّوبَه واري مدني انعام تي عمل جي سعادت ملندي رهي، اچو! ٻڌون ٿا ته اهو مدني انعام ڇا آهي؟

   مدني انعام نمبر16 آهي: ڇا اڄ اوهان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو (بهتر اهو آهي ته سمهڻ کان پهريان) صلوة التوبه پڙھي سڄي ڏينهن جي بلڪ اڳوڻن