Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جي عظيم سعادت حاصل ٿي۔ چپ مُبارڪ چُرڻ لڳا ۽ رحمت جا گل وسڻ لڳا ۽ مٺا لفظ ڪجھ هن طرح سان مرتب ٿيڻ لڳا؛ جيڪو هن مهيني روزانو پابندي سان مدني انعامات جي متعلق فڪرِ مدينه ڪندو الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائيندو۔

مِرے تم خَواب میں آؤ،مِرے گھر روشنی ہوگی            مِری قسمت جگا جاؤ، عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے                       تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر                 بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

                                                                               (وسائل بخشش مُرَمَّمْ،ص۳۹۱-۳۹۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بزرگن جا موت بابت ٻڌايل احوال

            پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان موت جي تڪليف ۽ ان جي ذائقي جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مرڻ مهل مُردي کي جيڪا تڪليف ٿيندي آهي، ان کي لَفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي، پر ڪجھ بُزرگ سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اَجمَعِين پنهنجي وفات جي وقتن ۾ اسان کي سمجھائڻ ۽ موت جي سختين جو اِحساس ڏيارڻ جي لاءِ ان کي مثالن جي ذَريعي بيان ڪيو آهي۔ اچو! انهيء بابت ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا؛

مرڻ واري تي تعجُّب

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا ته منهنجا والدِ مُحترم حضرت عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائيندا هئا: ”مون کي مرڻ واري انسان تي تعجُّب ٿيندو آهي جو عقل ۽ زبان هئڻ جي باوُجُود هو ڇو نٿو موت ۽ ان جي ڪيفيت کي بيان ڪري۔“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته جڏهن منهنجي والدِ محترم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وصال جو وقت ويجھو آيو ته مون عرض