Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

بڑی کوششیں کی گُنہ چھوڑنے کی

رہے آہ! ناکام ہَم یاالٰہی!

مجھے سچی تَوبہ کی تَوفیق دیدے

پئے تاجدارِ حَرَم یاالٰہی!

(وسائل ِبخشش مُرمّم،ص۱۱۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني انعامات‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ بار بار توبه ڪرڻ ۽ توبه تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي، اسان به توبه جو ذهن بنائڻ ۽ پنهنجي توبه تي ثابت قدمي  جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهون۔ هن سان گڏوگڏ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون۔ ذيلي حلقن جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي ذِمَّيدار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔

      ياد رهي! مدني انعامات تي پاڻ عمل ڪندي ٻين عاشقانِ رسول ۾ مدني انعامات جا رسالا تقسيم ڪرڻ ۽ وري مهينو ختم ٿيڻ تي انهن کان وصول ڪرڻ به اسان جي ذميداري آهي۔ 12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”مَدَني اِنعَامات“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذميدار هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪرڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو۔ هن رسالي جي