Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

جا تارا مٿي ڏانهن وڃي رهيا هوندا، ٭ مٿو هڪ پاسي لڙڪڻ لڳندو، ٭ چپ سڪي رهيا هوندا، ٭ زَبان سُڪڙجي رهي هوندي، ٭ آڱريون نيريون ٿي رهيون هونديون، ٭ جسم جو ڳاڙهو ۽ سفيد رنگ مٽيالي رنگ ۾ بدلجي رهيو هوندو، مطلب ته عجيب بيوسي جو عالم هوندو۔ غور ڪريو! ان وَقت اسان تي ڇا گذري رهيو هوندو۔ ان وقت تڪليف ته ايتري شدت جي هوندي جو اَلاَمان وَالْحَفِيظ!

سڪرات واري حالت جي مَنظر ڪشي

    حُجَّة الاِسلَام حضرتِ سَيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڪرات جي تڪليف جي شدت ۽ ان جي ڪيفيتن جي مَنظر ڪشي ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا؛ سڪرات ان تڪليف جو نالو آهي جيڪا سڌو سنئون رُوح تي نازِل ٿيندي آهي ۽ سمورن حصن کي وڪوڙي وٺندي آهي ايستائين جو رُوح جو اهو حصّو به تڪليف محسوس ڪندو آهي جيڪو بدن جي گهرائين ۾ آهي۔ سڪرات جون تڪليفون براھِ راست رُوح تي حملو ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهي تڪليفون سڄي بدن ۾ اهڙي طرح ڦهلجي وينديون آهن جو هر هر رَڳ، نس، حصّي ۽ سنڌن مان رُوح ڇڪيو ويندو آهي، هر وار جي پاڙ مان ايستائين جو مٿي کان وٺي پيرن تائين کل جي هر حصّي مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، تنهنڪري ان وَقت جي تڪليف ۽ درد جو اَندازو ڪير به نٿو ڪري سگھي۔ بُزرگن ته ايستائين فرمايو آهي جو موت جي تڪليف تلوار جي وار، آري جي چِيرڻ ۽ قينچي جي ڪٽڻ کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي ڇوته جڏهن تلوار جو وار بدن تي پوندو آهي ته بدن کي تڪليف انهيء ڪري محسوس ٿيندي آهي جو ان جو رُوح سان تَعلُّق قائم آهي۔ ته ٿورو اَندازو ڪيو ته ان وَقت ڪيتري قدر تڪليف هوندي جڏهن تلوار براھ راست رُوح تي پوندي؟ جڏهن ڪنهن کي تلوار سان زَخمي ڪيو وڃي ته مدد گھري سگھي ٿو، روڄ راڙو ڪري سگھي ٿو، ڇوته ان جي زَبان ۽ جسم ۾ طاقت مَوجُود