Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موت جو ذائقو، موت جي تڪليف ۽ موت جي سختي اهو اسان جو موضوع آهي۔ جڏهن هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته موت اچڻو آهي ته اها ڳالھ به يقيني آهي ته سڪرات جي ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو۔سڪرات جون سختيون، سڪرات جي ڪيفيت، ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسڻ، روح نڪرڻ جي تڪليف جو اچڻ اهي سڀئي آزمائش وارا ڪم آهن۔ الله پاڪ جن کي چاهيندو آهي انهن جي لاءِ آسانيون عطا ڪندو آهي۔ اي ڪاش جو هن مرحلن ۾ رحمتِ الٰهي اسان سان گڏ هجي۔ اڄ عمومي صورتحال اها آهي جو هڪ وڏي تعداد آهي جيڪا موت ۽ ان جي سختين سان غافل نظر اچي ٿي۔ جڏهن ته موت ۽ ان جي سختين کان وڌيڪ مشڪل شايد ڪو ٻيو مرحلو هن دنيا ۾ نه آهي۔ جڏهن ڪنهن تي سڪرات جو عالَم طاري ٿيندو آهي ۽ جِسم مان رُوح نڪري رهيو هوندو آهي ان وقت جي تڪليف جهڙي ڪا ٻي تڪليف ناهي هوندي، ان وقت جي درد جهڙو ڪو ٻيو درد ناهي هوندو ۽ ان وقت جي آزمائش جهڙي ڪا ٻي آزمائش ناهي هوندي۔ نَزع جي وَقت پيش اچڻ وارين سختين جو ذِڪر قرآنِ مجيد ۾ به مَوجُود آهي۔ جيئن اِرشادِ باري تَعَاليٰ آهي:

وَ جَآءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْحَقِّؕ-ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَحِیْدُ(۱۹) (پ۲۶،ق:۱۹)                                                                      

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ آئي موت جي سختي حق سان گڏ هي آهي جنهن کان تون ڀڄندو هُئين

موت جي تڪليف مُردو ئي ڄاڻي ٿو

هن آيتِ سڳوري جي تفسير ۾ مُبلّغِ اسلام، حضرت علّامه شُعيب حَرِيفِيش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: مٿي جي اکين سان موت کي ڏسڻ ۽ مَلَڪ المَوت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو مُشاهدو ڪرڻ ۽ ان وقت دل ۾ پيدا ٿيڻ واري خوف ۽ گھبراهٽ کي برداشت ڪرڻ هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جي حقيقت بيان ڪرڻ سان هر بيان ڪرڻ واري جي عِبارَت قاصِر آهي ۽ ان جي هولناڪي جو اِحاطو ڪرڻ