Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان تَحَمُّل مزاجي (قُوّتِ برداشت) بابت بيان ٻڌنداسين۔ سڀ کان پهريان تَحَمُّل مزاجي بابت هڪ ايمان افروز حڪايت بيان ڪئي ويندي۔ تَحَمُّل مزاجي ڇا آهي؟ اهو به بيان ڪيو ويندو۔ حديث سڳوري ۾ تَحَمُّل مزاجي ۽ عفوودرگذر جون جيڪي فضيلتون بيان ٿيون آهن اهي به بيان ڪيون وينديون۔ الله وارن جي تَحَمُّل مزاجي جا به ڪجھ واقعا بيان ڪيا ويندا۔ تَحَمُّل مزاجي جو بنيادي تعلُّق ڪاوڙ ختم ڪرڻ سان آهي، تنهنڪري ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جا به ڪجھ طريقا بيان ڪيا ويندا۔ حضرت سَيدُنا اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ حضرت امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس به جيئن ته هن ئي مهيني ۾ آهي، ان ڪري مختصراً انهن جي سيرت جون جھلڪيون به ٻڌنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

اچو! سڀ کان پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

حِلم هجي ته اهڙو!

  جنّت عطا فرمائڻ واري آقا ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي بارگاھ ۾اسلام قَبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو وڏي تعداد ۾حاضر ٿيندا هئا۔ هڪ ڏينهن يمني بادشاهن جي اولاد مان حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وفد جي صورت ۾ بارگاھِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيا۔ ته انهن کي صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان ٻڌايو ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٽي ڏينهن پهريان ئي توهان جي اچڻ جي خوشخبري ڏني هئي۔ شفيق ۽ مهربان