Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداء مدينه“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجا اخلاق سنوارڻ ۽ پنهنجي اندر حِلم و بُردباري پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي 12 مَدَني ڪمن ۾ حِصو وٺو ۽ پنهنجي قَبر ۽ آخرت کي سَنوَاريو۔ 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مَرڪزِي مَجلِسِ شُوريٰ جي طرفان هن مَدَني ڪم جو رِسالو بنام ”صَداءِ مدينه“ به مَنظرِ عام تي اچي چڪو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ’’صَداءِ مدينه‘‘ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’صَداءِ مدينه‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري تنظيمي ذمه داران هن رسالي جو لازمي مطالعو فرمائن، اهو رسالو مڪتبة المدينه جي بستي تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوت ِاسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو. هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ته ٭ صداءِ مدينه ڇا آهي؟ ٭ صداءِ مدينه ۾ مسلمانن جي لاءِ دعا، ٭ صداءِ مدينه جا دنياوي فائدا، ٭ صداءِ مدينه جا ڪجھ مدني گل، ٭ گهٽي ۾ صداءِ مدينه لڳائڻ جو طريقو ٭ صداءِ مدينه جون مدني بهارون وغيره وغيره۔

 ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل