Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

دعوتِ اسلامي جي شعبي ”مجلس مدني عطيات بڪس“ جي طرفان هڪ بڪس جي ترڪيب ڪئي وئي آهي، اهي مدني عطيات بڪس دُڪانن، ڪارخانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ميڊيڪل اسٽورز ۽ دفترن وغيره ۾ رکڻ سان گڏوگڏ گھرن ۾ به رکيو ويندو آهي، ته جيئن اسان پنهنجي آساني کي ڏسندي روزانو ڪجھ نه ڪجھ رقم ان بڪس ۾ وجھندا رهون، جيڪي دُڪاندار آهن اهي سٺين سٺين نيتن سان پنهنجي گراهڪن (Customers) تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ جي ترغيب ۽ فضائل ٻڌائي انهن کي به پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي ترڪيب ڪن ته مدينه مدينه ۔

مشوري طور عرض آهي ته اسان روزانو هڪ رقم خاص ڪيون مثال طور 5 روپيا ئي سهي، پوءِ ان جي مطابق اسان روزانو پنهنجو حصو وجھندا وڃون ۽ مجلس مدني عطيات بڪس جي طئي شده طريقي جي مطابق اهي مدني عطيات جمع به ڪرائي ڇڏيون۔ جيڪي دُڪانن وغيره تي بڪس رکيا ويندا آهن، هن کي "مدني عطيات بڪس" ۽ جيڪي گھرن ۾ بڪس رکيا ويندا آهن، اُن کي"گھريلو صدقه بڪس" چئبو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

نڇ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه