Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ فرمايائون: ”ڇا توهان هي چاهيو ٿا ته مون کي غصو اچي ۽ شيطان مون کي تڪبُّر ۽ حڪومت جي غُرور ۾ مبتلا ڪري ۽ مان توهان تي ظلم ڪريان ۽ قيامت جي ڏينهن توهان مون کان ان جو بدلو وٺو، اهو مون کان هرگز نه ٿيندو۔“ اهو فرمائي خاموش ٿي ويا۔          (ڪيميائے سعادت ج۲ص۵۹۷انتشا رات گنجينه تهران،از غصے ڪا علاج، ص۱۲)

حڪايت نمبر 2

      ڪنهن شخص حضرت سيّدُنا سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي گار ڏني، پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناهن جو پلڙو ڳرو آهي ته جيڪو ڪجهه توهان مون کي چيو مان ان کان به وڌيڪ بُرو آهيان ۽ جيڪڏهن منهنجو اهو پلڙو هلڪو آهي ته مون کي توهان جي گار جي ڪا پرواهه ناهي۔       (اتحاف السادة المتقين ج۹ص۴۱۶،از غصے ڪا علاج، ص۱۲)

حڪايت نمبر 3

      ڪنهن شخص سيّدُنا شَعبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي گار ڏني، پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن توهان سچ ٿا چئو ته الله پاڪ منهنجي مغفرت فرمائي۔ جيڪڏهن توهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو ته الله تعاليٰ توهان جي مغفرت فرمائي۔         (احياءُ العلوم ج۳ ص ۲۱۲،از غصے ڪا علاج، ص۱۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مجلس مدني عطيات بڪس

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو پيارو پيارو مدني ماحول جتي نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن ڏيندو آهي، اتي بُرين عادتن کي ڪڍڻ ۽ چڱيون خوبيون اپنائڻ جو به ذهن ڏئي ٿو۔ اوهان تَحَمُّل مزاجي اپنائڻ ۽ بي جا ڪاوڙ جي بُري خصلت کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ دِين جي خدمت ڪري رهي آهي۔ انهن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني عطيات بڪس“ به آهي۔