Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

ڪيو۔ ساٿين عرض ڪيو: ان اوهان تي ظُلم ڪيو ته اوهان ان جي لاءِ دعا ڇو گھري؟ فرمايائون: مون کي اهو معلوم هو ته تڪليف برداشت ڪرڻ تي مون کي ثواب ملندو تنهنڪري مون اهو مناسب نه سمجھيو ته مون کي ته ثواب ملي ۽ هو عذاب ۾ گرفتار ٿي وڃي۔   (احياء العلوم ،۳/۲۱۶ملخصاً)

(3) غلام آزاد ڪري ڇڏيو

امام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جي ھڪ غلام جي هٿ مان سندن جي ڪپڙن تي پاڻي ڪري پيو، ته پاڻ ان کي ڪاوڙ جي نگاهن سان ڏٺو ته غلام هيئن چوڻ لڳو: منهنجا آقا! وَالۡکٰظِمِیۡنَ الۡغَیۡظَ (۽ غصو پيئڻ وارا)، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو؛ مون پنهنجو غصو پي ورتو، غلام وري چيو: وَالۡعَافِیۡنَ عَنِ النَّاسِؕ (۽ ماڻهن سان درگذر ڪرڻ وارا) پاڻ فرمايائون: مون توکي معاف ڪيو۔ غلام عرض ڪيو: وَ اللہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ﴿۱۳۴﴾ۚ (۽ نيڪ ماڻهو الله جا محبوب آھن) 4، آل عمران: 134) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون: وڃ، تون الله پاڪ جي لاءِ آزاد آھين ۽ منهنجي مال مان ھڪ ھزار دينار تنهنجا آھن۔   (بحر الدموع ، ص۲۰۲، آنسوؤں ڪا دريا ،ص۲۷۴ ملخصاً )

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته الله جي نيڪ ٻانهن جا اَخلاق (Manners) ڪيترا عُمده هوندا آهن جو جيڪڏهن ڪو تڪليف ڏئي، تڏهن به ڪاوڙ ۾ اچڻ ۽ ان کان بدلو وٺڻ ته پري رهيو بلڪ طرح طرح سان نوازيندا آهن۔ الله پاڪ هنن عظيم هستين جي صَدقي اسان کي به مسلمانن کي مُعاف ڪرڻ ۽ مُعاف ڪري ان جو ثواب حاصل ڪرڻ جي سعادت جو جذبو عطا فرمائي۔

آخري حڪايت ۾ اسان حضرتِ سيدُنا امام جعفر صادِق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مبارڪ تذڪرو ٻڌو۔ سندن عرس مبارڪ رجب المرجب جي 15 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيء مناسبت سان سندن جو مختصر ذڪرِ خير به ٻڌون ٿا: