Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

(4) فرمايائون: بيشڪ انسان بُردباري جي ڪري روزيدار ۽ شبِ بيدار جو درجو ماڻيندو آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا،ڪتاب الحلم،۲/ ۲۷، حديث : ۸ ملتقطاً)

(5) فرمايائون: جيڪو ڪنهن مسلمان جي غَلَطي کي مُعاف ڪندو ته قِيامت جي ڏينهن الله پاڪ ان جي غَلَطي کي مُعاف فرمائيندو.             (ابن ماجه،ڪتاب التجارات،باب الاقالة،۳/۳۶،حديث:۲۱۹۹)

(6) هڪ شخص بارگارھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان نوڪر کي ڪيترا ڀيرا معاف ڪريون؟ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خاموش رهيا، ان وري اهو سوال پڇيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري خاموش رهيا، جڏهن ٽيون ڀيرو سُوال ڪيائين ته ارشاد فرمايائون: روزانو سَتَّر (70) ڀيرا۔                (ترمذي،ڪتاب البر ولصلة ،باب ما جاء في العفو عن الخادم،۳/۳۸۱،حديث:۱۹۵۶)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: عربيءَ ۾”سَتَّر“ جو لفظ زيادتي بيان ڪرڻ جي لاءِ هوندو آهي، يعني هر روز ان کي گهڻو معاف ڪريو۔ اهو ان صُورت ۾  هجي جڏهن ته غلام کان ڀل ۾ غَلطي ٿي ويندي هجي، نفس جي شرارت جي ڪري نه هجي ۽ قصور به مالڪ جو ذاتي هجي، شَرِيعت جو يا قومي ۽ ملڪي قصور نه هجي جو اهي قصور مُعاف نه ٿا ڪري سگهجن۔      (مرآة المناجيح،۵/۱۷۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شيطان جا وسوسا   !

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ستّر (70) ڀيرا معاف ڪرڻ جو ذڪر ڪرڻ ۾ هن ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته اسان پاڻ کي تَحَمُّل مزاج بڻايون۔ ڪيتريون ئي وڏيون غلطيون ٿين، اسان کي تَحَمُّل مزاجي نه ڇڏڻ گھرجي۔ اڄ اسان معاشري ۾ ڏسون ٿا ڪنهن جي غلطي تي هڪ اڌ ڀيرو ته صبر ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ٻيهر اها ئي غلطي ٿي وڃي ته خوب بدلو ورتو ويندو آهي ۽ بعض