Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي چئبو آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ ۽ سنت صحابه مان ثابت آهي.

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ،ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً) اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جون بَرَڪتون

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون کي مديني شريف جي حاضري جي سعادت حاصل ٿي آهي ۽ اهو سڀ صداءِ مدينه جون برڪتون آهن جو مان پابندي سان صداءِ مدينه لڳائيندو آهيان۔

  هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر بعد اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا ها ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين به ڏني۔

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا          خدائے محمد برائے مدینہ

      لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر        ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمّم،ص۳۶۹)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد