Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

تحمل مزاج بڻجڻ جي لاءِ غُصّي کان بچو  !

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تَحَمُّل مزاجي بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ خلافِ مزاج ڳالھ ٿيڻ تي وس کان ٻاهر نه ٿيڻ ۽ صبرکي نه ڇڏڻ به تحمل مزاجي ۾ شامل آهي۔ اڄ جي دور۾تَحَمُّل مزاجي سان ڪم وٺڻ يقيناً همت جي ڪمن مان آهي۔ ڇوته اسان جي مزاجن ۾ڪاوڙ جون پاڙون مضبوط ٿي چڪيون آهن۔ ننڍين ننڍين ڳالهين تي منهن ٺاهڻ، وَس کان ٻاهر ٿيڻ، بيهوده ڳالهيون بڪڻ، فحش ۽ حرام گفتگو سان زبان کي آلوده ڪرڻ ۽ وڙهڻ مارڻ تي تيار ٿيڻ، اهو سڀ اسان وٽ عام ٿيندو پيو وڃي۔ ان جو هڪ بنيادي سبب ڪاوڙ کي قابو نه ڪرڻ به آهي۔

  ياد رکو! اجائي ڪاوڙ هڪ اهڙي باھ آهي جيڪا وسامڻ تي انسان کي سڙيل عمارت جيان ويران ۽ بيڪار ڪري ڇڏيندي آهي۔ اجائي ڪاوڙ ختم ٿيڻ کان بعد افسوس، حسرت، ندامت، پشيماني ۽ شرمندگي انسان کي گھيري وٺندي آهي۔ تَحَمُّل مزاج بڻجڻ ۽ ان جون فضيلتون ماڻڻ جي لاءِ غُصّي کي قابو (Control) رکڻ گھڻو ضروري آهي۔ اجايو غُصّو کوڙ بُرائين کي جنم ڏيڻ سان گڏوگڏ آخرت جي لاءِ به گھڻو تباه ڪن ثابت ٿئي ٿو۔ ٭ اجايو غُصّو انسان کي ڪيئي گناهن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو۔ ٭ اجايو غُصّو مارڪٽ تي اُڀاريندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ٻين جي عزّتن جي پامالي جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو فحش ڪلامي ۽ بدڪلامي تي اُڀاريندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ٻين جي نفرتن جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ٻين جي حقن کي کسڻ جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو حق دار کي ان جو حق ڏيڻ کان روڪيندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو انسان جي ظاهر ۽ باطن جي فرق کي واضح ڪندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو محبتن کي ختم ڪندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو دُورين کي فروغ ڏيندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو گهاٽي ۽ مضبوط رشتن کي به ختم ڪندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو صِله رحمي کان محروم ڪندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو شفقت ۽ مهرباني جهڙيون بهترين صفتون دور ڪندو آهي۔ مطلب ته! ٭ اجايو غُصّو ڪيئي بُرين شين