Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سان گڏ رهي ۽ حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي همراهي نصيب ٿيڻ جو ذريعو دُرُود شريف جي ڪثرَت آهي۔ هن مان مَعلُوم ٿيو ته دُرُود شريف بهترين نيڪي آهي ٻيو هي ته تمام نيڪين سان جَنّت ملندي آهي ۽ هن سان بَزمِ جَنّت جو گھوٽ (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ملندو آهي۔         (مراة المناجيح، ۲/۱۰۰)

انهيءَ ڪري ته امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا۔

حشر میں کیا کیا  مزے وار فتگی کے لُوں رَضا            لوٹ جاؤں پا کے وہ دامانِ عالی ہاتھ میں

                                                                                      (حدائقِ بخشش،ص۱۰۴)

مختصر وضاحت :اي رضا! ميدانِ محشر ۾ الله ۽ ان جا پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن پنهنجن عاشقن ۽ ديوانن تي فَضل ۽ ڪرَم ڪري رهيا هوندا ته ان عالَم ۾ منهنجي بي خودي جو عالَم ڪهڙو هوندو؟ بس مان ته سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو دامَنِ ڪرم پڪڙي وٺندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته