Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

اوهان جي ڏاچيءَ جي ڪوهان؟ حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چيائين: اي اميرالمؤمنين! مان ان وقت نئون نئون مسلمان ٿيو هئس ۽ جاهليت جو رواج اهو ئي هو، جيڪو مون ڪيو هو۔ هاڻي الله پاڪ اسان کي اسلام سان سرفراز فرمايو آهي ۽ اوهان جيڪو ڪجھ ڪيو اهو ئي اسلام جو طريقو آهي۔

حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت سَيدُنا امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ان نرم رَوَيي سان ايتري قدر متاثر ٿيا جو پاڻ فرمايائون: ڪاش مون انهن کي پنهنجي اڳيان سوار ڪيو هجي ها۔ (معجم صغیر،من اسمہ یحیی،۲ /۱۴۳، مسندبزار، مسند وائل بن حجر، ۱۰/۳۴۵، حدیث:۴۴۷۵، تاریخ المدینۃ المنورۃ،وفاۃ وائل بن حجر الحضرمی،۲/۵۷۹،الجزء الثانی، الاصابۃ،وائل بن حجر، ۶/۴۶۶، رقم:۹۱۲۰ملخصاً از فیضان امیر معاویہ ،ص۱۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا صحابي تَحَمُّل مزاج (يعني قُوّتِ برداشت ۽ نرم مزاج وارا) هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي محبت ڀريو سلوڪ فرمائڻ وارا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي صبر ۽ تحمل جا عادي هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي نرم دل ۽ مهربان هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي ٻين جي بغض ۽ ڪيني کان پاڪ هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا صحابي بُري سُلوڪ تي به سٺو سلوڪ ڪندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا صحابي برائي جو بدلو به چڱائي سان ڏيندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي حليم ۽ بُردبار هوندا هئا۔ ٭ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي بدلو وٺن بدران مُعاف ڪرڻ وارا هوندا هئا۔ اي ڪاش جو اسان به انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون ۽ تَحَمُّل مزاجي کي پنهنجو معمول بڻائي وٺون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ