Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

ٿا۔ فرمايائون: مون کي هن ڳالھ کان حياء اچي ٿو ته ڪٿي منهنجي رعايا جي ڪنهن غلطي جي ڪري منهنجي حِلم ۽ بُردباري ۾ گھٽتائي نه اچي وڃي۔

                                                                (حلم معاویہ، ص۲۲، رقم:۱۴)

الٰہی  حُسنِ   اخلاق  اور  نرمی   کی  سعادت   دے

گناہوں پر ندامَت دے،صداقت دے شرافت دے

                                                             (نیکی کی دعوت،ص۴۰۴)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ جا پسنديده ٻانها ڪير!

    اي عاشقانِ صحابه ۽ اهل بيت! صحابي رسول حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حِلم ۽ بُردباري کان سبق حاصل ڪندي اسان کي به بُردباري جو جذبو پيدا ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي به تَحَمُّل مزاج بڻجڻ گھرجي۔ اسان کي به پنهنجي اندر نرمي ۽ معاف ڪرڻ جون صفتون پيدا ڪرڻ گھرجن۔ اسان کي به ٻين سان هميشه حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ گھرجي۔ اسان کي به ٻين کي تحفا ڏيڻ جي عادت بنائڻ گھرجي۔ اهڙين عادتن سان جتي باهم تعلّقات (Relations) مضبوط ٿيندا، ۽ هڪٻئي جي محبتن ۾ اضافو ٿيندو، اتي معاشري ۾ خوشگوار فضا به قائم ٿيندي۔

تحمل مزاجي جو معنيٰ ڇا آهي؟

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تَحَمُّل مزاجي جي لُغوي معني آهي برداشت ڪرڻ، غصو نه ڪرڻ، وَس کان ٻاهر نه ٿيڻ۔ جڏهن ته تحمل مزاجي جي اها وصف به بيان ڪئي وئي آهي ته ڪاوڙ جي وقت پُرسڪون ۽ مطمئن رهڻ۔       (ڪتاب التعريفات، ص ۶۶، ماخوذاً)

  هي هڪ اهڙو بهترين عمل آهي جو جيڪو خوش نصيب مسلمان اهو عمل ڪندو آهي، ان جو شُمار رَبِّ ڪريم جي پسنديده ٻانهن ۾ ٿيندو آهي، جيئن

  سيپاري 4 سوره اٰلِ عِمران جي آيت نمبر 134 ۾ خُداءِ حنّان ۽ منّان جو فرمان آهي: