Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

نادان ته ٿوري ٿوري ڳالھ ٿي يڪدم ڪاوڙ ۾ اچي ويندا آهن، مثال طور ٭ پسند جو کاڌو نه مليو ته ڪاوڙ ٭ ننڍي ٻار ڪپڙن تي پيشاب ڪري ڇڏيو ته ڪاوڙ ٭ ڪنهن غلطي سان اسان جي نمبر تي ڪال ڪئي ته ڪاوڙ ٭ يوٽيلٽي بلز جمع ڪرائڻ مهل ڊگھي قطار ۾ ڪنهن جو پاسو لڳو ته ڪاوڙ ٭ ٽريفڪ جام هئڻ جي ڪري ڪنهن ايمرجنسي جي ڪري هارن وڄايو ته ڪاوڙ ٭ بغير اِستري جي ڪپڙا ملي ويا ته ڪاوڙ ٭ مسجد جي وضوخاني تي وضو دوران غلطي سان ڀر واري جا ڪپڙن تي ڇنڊا پئجي ويا ته ڪاوڙ ۽ پوءِ اهڙن موقعن تي شيطان به وسوسا ڏياريندو آهي ته ”معاف ڪندا رهيؤ ته پوءِ جيئڻ ڏکيو آهي“ ”جيڪڏهن نرم دل بڻجي ويئو ته هي  دنيا توهان کي جيئڻ نه ڏيندي“ ”اڄ ڪل درگذر سان ڪم نه وٺڻ گھرجي“ ”معاف ڪرڻ جو زمانو ئي نه آهي ادا!“ ”معاف ڪرڻ سان ماڻهو مٿي چڙهي ويندا آهن“ وغيره وغيره۔ ته ياد رکو! اهڙين ڳالهين تي هر گز توجھ نه ڏيو۔ تَحَمُّل مزاجي سان ڪم وٺندي ٻين کي معافي ان ڪري نه ڏيڻ گھرجي ته هن سان دنيا سنورجي وڃي بلڪ تَحَمُّل مزاجي ۽ عفوودرگذر ته آخرت کي بهتر بڻائي ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بزرگ سڳورن جو معمول هو ته جيترو به وڏو نقصان ٿي ويندو هو ته اهي تَحَمُّل مزاجي ۽ درگذر جو دامن نه ڇڏيندا هئا۔

  اچو! ترغيب جي لاءِ بزرگن جي تَحَمُّل مزاجي ۽ معاف ڪرڻ تي ٽي (3) حڪايتون ٻڌون ٿا۔

(1) معاف ڪرڻ قدرت کان بعد ئي هوندو آهي!

حضرت سَيدُنا مَعمَر بن راشِد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَيان ڪن ٿا ته هڪ شخص حضرت سَيدُنا قَتاده بن دِعامه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پٽ کي زوردار چماٽ هنئي۔ پاڻ بِلال بِن اَبِي بُردَه کان ان جي خلاف مدد گهري، پوءِ بِلال بِن اَبِي بُردَه چماٽ هڻڻ واري کي گھرايو ۽ بَصره جي سَردارن کي به گھرايائين۔اهي سندن کان ان شخص جي باري ۾ سفارش ڪرڻ لڳا پر پاڻ سفارش قبول نه ڪيائون ۽ پٽ کي