Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

فرمايائون: ’’تون به اهڙي طرح هن کي چماٽ هَڻ جهڙي طرح هن توکي هنئي آهي ۽ فرمايائون: پٽ! آستين مٿي ڪر ۽ هٿ بلند ڪري زوردار چماٽ هڻ۔“ جيئن پٽ آستين مٿي ڪري چماٽ هڻڻ جي لاءِ هٿ بلند ڪيا ته پاڻ ان جو هٿ پڪڙي فرمايائون: ’’اسان رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ هن کي مُعاف ڪيو ڇوته چيو ويندو آهي ته مُعاف ڪرڻ قُدرت کانپوءِ ئي ٿيندو آهي۔“

                                                                   (الله والوں ڪي باتيں،۲/۵۱۹ ملتقطاً )

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اُٹّھیں          بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یاربّ

(وسائل بخشش مرمم ،ص۷۶)

 (2) ظلم ڪرڻ واري کي به دعا ڏنائون

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”اِحياء العلوم“ جلد 3، صفحي نمبر 216 تي آهي: هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪنهن ريگستان واري علائقي ڏانهن وڃي رهيا هئا ته اتي سندن کي هڪ سِپاهي مليو، سپاهي پڇيو توهان غلام آهيو؟ فرمايائون: هائو! سپاهي چيو: ڳوٺ ڪهڙي پاسي آهي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قَبرِستان ڏانهن اِشارو ڪيائون۔ سِپاهي چيو: مان ڳوٺ جي باري ۾ پڇي رهيو آهيان۔ فرمايائون: اهو ته قبرستان ئي آهي۔ اهو ٻڌي سپاهي کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ان دُرو سندن جي  مٿي تي هڻي زخمي ڪري سندن کي شهر ڏانهن وٺي ويو۔ ابراهيم بن ادهم  جي ساٿين ڏٺو ته سِپاهي کان پڇا ڪيائون: هي ڇا ٿيو؟ سِپاهي سمورو ماجرو بيان ڪيو۔ اُنهن سپاهي کي ٻڌايو هي ته (وقت جا وَلي) حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔ اهو ٻڌي هو گھوڙي تان لٿو ۽ حضرت ابراهيم جا هٿ چُمندي مَعذِرَت ڪرڻ لڳو۔ پاڻ کان پڇيو ويو: اوهان اهو ڇو چيو ته مان غلام آهيان۔ فرمايائون: ان (سپاهي) مون کان اهو نه پڇيو ته توهان ڪنهن جا غلام آهيو؟ بلڪ صِرف اهو پڇيائين ته توهان غلام آهيو؟ پوءِ مون چيو: هائو مان غلام آهيان! ڇوته مان ربِّ ڪريم جو غلام (يعني ٻانهو) آهيان۔ جڏهن ان منهنجي مٿي تي درو هنيو ته مون الله پاڪ کان ان جي لاءِ جنّت جو سُوال