Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ ياد رکو! اجائي ڪاوڙ ۾ مبتلا ٿي مضبوط شين کي ٽوڙڻ، طاقتورن کي هارائڻ ۽ ٻين کي پنهنجي غصي سان ڪاوڙائڻ اها بهادري ناهي بلڪ غصي جي وقت پاڻ کي قابو ۾ رکڻ بهادري آهي۔ رحم دل ۽ رحيم آقا، مهربان و ڪريم آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو غصو پي ويندو حالانڪ اهو نافذ ڪرڻ تي قدرت رکندو هو ته الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي دل کي پنهنجي رضا سان معمور فرمائي ڇڏيندو.

 (ڪنزالعُمّال ،۳/۱۶۳حديث۷۱۶۰ از غصے ڪا علاج، ص۱۱)

غُصّي جو علاج

    تحمل مزاجي کي اپنائڻ ۽ غصّي تي قابو جي لاءِ ضروري آهي ته غُصّي جي تباه ڪارين کي به سامهون رکيو وڃي ڇوته ٭ اجايو غُصّو ئي اڪثر جھيڙي فتني جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ئي ٻن ڀائرن ۾ جُدائي جو سبب بڻجندو آهي ٭ اجايو غُصّو ئي زال مڙس ۾ طَلَاق (Divorce) جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ئي پاڻ ۾ نفرت کي فروغ ڏيندو آهي۔ ٭ اجايو غُصّو ئي ناحق قتل ۽ ڦرلٽ جو سبب بڻجندو آهي۔

   اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: جڏهن ڪنهن تي غصو اچي ۽ مارڪُٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته پنهنجو پاڻ کي هن طرح سمجهايو، مون کي ٻين تي جيڪڏهن ڪجهه قدرت حاصل آهي ته ان کان وڌيڪ الله پاڪ مون تي قادر آهي، جيڪڏهن مون غصـي ۾ ڪنهن جي دل آزاري يا حق تلفي ڪري وِڌي ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي غضب کان مان ڪهڙي طرح محفوظ رهي سگهندس؟ (غصے ڪا علاج، ص۱۵) غُصّي جو هڪ علاج اهو به آهي ته ڪاوڙ ڏيارڻ وارين ڳالهين جي موقعي تي الله وارن جي طرز ِعمل ۽ انهن جي حِڪايتن کي ذِهن ۾ دهرايو، اچو هن طرح جون ٽي (3) حڪايتون ٻڌون ٿا:

حڪايت نمبر 1

      ڪنهن شخص امير المُؤمِنِين حضرت سيّدُنا عمر بن عبدالعزيز رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ