Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

ڪن، هڪ ٻي کي معاف ڪن ته جيئن الله پاڪ انهن جي مغفرت فرمائي۔ تنهنڪري هاڻي اهو عهد ڪريو، اچو! هٿوهٿ نيت ڪريون ٿا ته اسان هميشه درگذر ۽ معاف ڪرڻ جي عادت اپنائينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن مسلمان کان غَلَطي (Mistake) ٿيڻ تي تَحَمُّل مزاجي سان ڪم وٺندي ان کي معاف ڪرڻ نفس تي گھڻو دُشوار ٿي ويندو آهي، پر جيڪڏهن اسان تَحَمُّل مزاجي ۽ عَفو و دَرگُذر جي فضيلتن کي سامهون رکنداسين ته تَحَمُّل مزاج بڻجڻ آسان ٿي ويندو۔

اچو! تحمل مزاجي ۽ ماڻهن کي معاف ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان جي فضيلت تي 6 حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

تحمل مزاجي ۽ درگذر ڪرڻ جي فضيلت

(1) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ٽي ڳالهيون جنهن شخص ۾ هونديون، (قيامت جي ڏينهن) الله تعاليٰ ان جو حساب تمام آسان طريقي سان وٺندو ۽ ان کي پنهنجي رحمت سان جنّت ۾ داخل فرمائيندو: صحابي سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟ فرمايائون: (1) جيڪو توهان کي محروم ڪري توهان ان کي عطا ڪريو (2) ۽ جيڪو توهان سان تعلقات ٽوڙي توهان ان سان ڳنڍيو (3) ۽ جيڪو توهان تي ظلم ڪري توهان ان کي مُعاف ڪري ڇڏيو۔   (معجم اوسط،۴/۱۸،حديث :۵۰۶۴)

(2) فرمايائون: علم سکڻ سان ايندو آهي، تَحَمُّل مزاجي بتڪلُّف (يعني تڪليف) برداشت ڪرڻ سان پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪو ڀلائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ان کي ڀلائي ڏني ويندي آهي ۽ جيڪو شر کاڻ بچڻ چاهيندو آهي، ان کي بچايو ويندو آهي۔ (تاريخِ مدينةدمشق،الرقم:۲۱۶۲،رجاء بن حيويه،۱۸/ ۹۸)

(3) فرمايائون: پنج ڪم انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي سنّت آهي، انهن مان هڪ تَحَمُّل مزاجي به آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا، ڪتاب الحلم ،۲/ ۲۴،حديث : ۶)