Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

آقا، مڪي مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن تي بيحد شفقت فرمائي، انهن جي لاءِ پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي، پنهنجي ويجھو ويهاريو، منبرِ اقدس تي ان جي لاءِ ساراھ لائق جملا ارشاد فرمايا، برڪت جي دُعا فرمايائون ۽ انهن جي ترسڻ جي لاءِ گھر جي نشاندهي جو ڪم حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي حوالي ڪيائون۔ حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان وقت نوجوان هئا، پاڻ به مڪي جي هڪ سردار جا صاحبزاده هئا، پر صحبتِ مصطفيٰ جي برڪت سان مزاج ۾ سردارن واري ڳالھ نه هئي۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم ملندي ئي حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ يڪدم حضرت سَيدُنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان گڏ ويا۔ حضرت سَيدُنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڏاچيءَ تي سوار هئا جڏهن ته حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ گڏوگڏ پيادل هلي رهيا هئا۔ جيئن ته گرمي گھڻي هئي ان ڪري ڪجھ دير پيادل هلڻ کان پوءِ انهن حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي چيائون: گرمي گھڻي آهي، هاڻي ته منهنجا پير به سڙڻ لڳا آهن۔ اوهان مون کي پنهنجي پويان سوار ڪري وٺو۔

حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صاف انڪار ڪيائون۔ ان تي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چيائون: گھٽ ۾ گھٽ پنهنجا جوتا ئي پائڻ جي لاءِ ڏيو ته جيئن مان گرمي کان بچي سگھان۔ حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چيائين: توهان انهن ماڻهن مان نه آهيو جيڪي بادشاهن جو لباس پائي سگھن۔ توهان جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته منهنجي ڏاچيء جي ڇانو (Shadow) ۾ هلندا رهو۔ اهو ٻُڌي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڏي برداشت جو مظاهرو ڪيائون ۽ زبان کان به جوابي ڪاروائي نه ڪيائون۔ هڪ وقت اهڙو آيو جو حضرت سَيدُنا امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سڄي مُلڪِ شام جا گورنر بڻجي ويا ته حضرت سَيدُنا وائل بن حُجْر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دمشق گھرايائون، جڏهن هو دمشق پهتا ته حضرت سَيدُنا امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن سان وڏي احترام سان پيش آيا ۽ ماضي جي ان واقعي جو بدلو وٺڻ بدران حضرت سيدنا وائل بن حُجر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريو ۽ فرمايائون: منهنجو تخت بهتر آهي يا