Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
مان معلوم ٿي رهيو آهي ته ڪو خاص مقصد آهي جنهن جي لاءِ انسان کي پيدا ڪيو ويو آهي، هن مقصد جي رهنمائي ڪندي سيپاري 27، سُورة الذّٰرِيٰت آيت نمبر 56 ۾ اِرشاد آهي:
وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (پ۲۷، الذّرِيٰت:۵۶)
ترجموڪنزُالايمان: ۽ مان جن ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن.
هن آيت مان معلوم ٿيو ته انسانن ۽ جِنّن کي بيڪار پيدا ناهي ڪيو ويو بلڪ انهن جي پيدائش جو اصل مقصد اهو آهي ته هو الله پاڪ جي عبادت ڪن۔
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا آخرت جي کيتي آهي، دنيا ۾ ڪيو ويندڙ هر عمل آخرت جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، آخرت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ نهايت ضروري آهي ته عملن کي ٺيڪ ڪيو وڃي۔ الله پاڪ جي احڪامن کي سمجھيو وڃي ۽ ان جي مطابق عمل ڪيو وڃي۔ پنهنجي اصل مقصد عبادتِ الٰهي کي پيشِ نظر رکي حڪمِ اِلٰهي جي مطابق عبادتِ اِلٰهي ادا ڪنداسين ۽ ربّ ڪريم جو فضل شاملِ حال رهيو ته آخرت کي بهتر بڻائڻ گھڻو آسان ٿي ويندو۔
دنيا جو امتحان ۽ آخرت جو امتحان
مَدرسن، جامعات ۽ اسڪولن، ڪاليجن جا جڏهن امتحان ٿيندا آهن ته ڏٺو ويندو آهي ته شاگردياڻيون ان جي ڪيئن تياري ڪري رهيون هونديون آهن، محنتي شاگردياڻين کي پيپر جي علاوه ٻي ڪنهن شيء جو هوش ناهي رهندو، نه کائڻ ياد رهندو آهي نه پيئڻ جو هوش رهندو آهي، صرف هڪ ئي ڌُن هوندي آهي ته امتحان جي تياري ڪرڻي آهي ۽ هر اهو سوال جنهن جو اندازو هجي ته اهو پيپر ۾ اچي سگھي ٿو، ان جي خاص طور تي تياري ڪئي ويندي آهي، اهڙي وقت ۾ والدين جو به شاگردياڻين کي ڀرپور ساٿ حاصل هوندو آهي