Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
ڇوته انهن کي معلوم هوندو آهي ته اولاد دُنيوي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندو ته زندگي بهتر ٿيندي، ٿورو سوچيو! جڏهن دنيا جي خاطر اسان ۽ اسان جو اولاد ايترو مگن ٿي ويندو آهي، ته پوءِ آخرت جي امتحان جي تياري جي لاءِ ته دُنيا جي امتحان کان وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! ٿوري دير جي لاءِ اسان غور سان پنهنجو جائزو وٺون ٿيون ته ڇا ڪڏهن آخرت جي امتحان جي تياري لاءِ به ڪڏهن فڪر ٿيو آهي؟ ڇا ڪڏهن آخرت جي اِمتحان جي ڪاميابي جي لاءِ به اسان بي چين ٿيون آهيون۔ اعليٰ حضرت امام اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا شعر ڪيتري قدر آخرت ڏانهن مائل ڪرڻ وارا آهن، ٻڌو!
راہ پُر خار ہے کیا ہونا ہے پاؤں افگار ہے کیا ہونا ہے
ہم کو بِد کر وہی کرنا جس سے دوست بیزار ہے کیا ہونا ہے
چھپ کے لوگوں سے کئے جس کے گناہ وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے
ارے او مجرمِ بے پروا دیکھ سر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے
کام زِنْداں کے کئے اور ہمیں شوقِ گلزار ہے کیا ہونا ہے
بیچ میں آگ کا دریا حائل قصد اس پار ہے کیا ہونا ہے
واں نہیں بات بنانے کی مجال چارہ اقرار ہے کیا ہونا ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مسلمان هئڻ ناطي جڏهن اسان کي يقين آهي ته اسان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي، اونداهي قبر ۾ لهڻو آهي، خبر ناهي ڪيترا سال عالمِ برزخ (برزخ جي لفظي معنيٰ اوٽ ۽ پردي جي آهي ۽ مرڻ جي بعد کان وٺي قِيامت ۾ اُٿڻ تائين جو وقفو "برزخ" چورائي ٿو) ۾ رهڻو آهي، پوءِ قِيامت قائم ٿيڻي آهي، پوءِ ميدانِ محشر ۽ حساب ڪتاب جو معاملو دَرپيش ٿيڻو آهي، ته اسان کي هنن سمورن مرحلن جي تياري ڪرڻ گھرجي، هڪ مسلمان جي آخرت جي تياري جو انداز ڪيئن