Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

نيڪ بڻجڻ ۽ پنهنجي احتساب جو بهترين نسخو آهي. تنهنڪري وقت مقرر ڪري روزانو فڪرِ مدينه ڪيو. (يعني مدني انعامات جي مطابق اڄ ڪيستائين عمل ٿيو) رسالي ۾ ڏنل خانا ڀري ڪري هر مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذميداراسلامي ڀيڻ کي جمع ڪرايو وڌيڪ مڪتبة المدينه جي شايع ڪيل ڪتاب ”جنت جي طلبگارن جي لاءِ مدني گلدستو“ جي ذريعي ٻين اسلامي ڀينرن کي به “مدني انعامات“ تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريو. هر اسلامي ڀيڻ انفرادي ڪوشش ڪرڻ واري ”مدني انعامات“ تي عمل ڪندي هر مهيني مدني انعامات جا گهٽ ۾ گهٽ 26 رسالا تقسيم ڪري ايندڙ مهيني وٺڻ جي به ڪوشش ڪريو. حدف في ذيلي حلقو گهٽ ۾ گهٽ 12 رسالا آهن.

اچو ترغيب جي لاءِ مدني انعامات تي عمل جي هڪ مدني بهار ملاحظه ڪيو جيئن ته

 

مدني انعامات تي عمل جي برڪت سان چل مدينه جي سعادت ملي وئي

باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ جنهن جي عملي زندگي ڪجهه درست نه هئي خاص ڪري نمازن جي پابندي سان محروم هئي وڌيڪ هي جو فيشن ڪرڻ گانا باجا ٻڌڻ جي نحوست ۾ گرفتار هئي، ان جي پڦاٽ (جيڪو دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته هو) انفرادي ڪوشش ڪندي ان جي ڀاءُ کي دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع  ۾ شرڪت جي نه صرف دعوت ڏني بلڪ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ شروع ڪري ڏنو. ان جو ڀاءُ سنتن جي اجتماع کان واپسي اچي اجتماع جي ڪيفيت ٻڌائيندو هو جنهن ۾ سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ذڪر خير ٻڌڻ جي لاءِ ملندو هو جنهن جي سبب ان اسلامي ڀيڻ کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان پنهنجائپ محسوس ٿيڻ لڳي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهي پنهنجائپ جي سوچ ان کي پهريون ڀيرو 1985 جي سالانه سنتن ڀري اجتماع جي خصوصي نشست تي اڀاريو. تنهنڪري اها به اسلامي ڀينرن جي اجتماع ۾ شريڪ ٿي وئي جتي ان پردي ۾