Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

٭ حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪنيت ابُوحامِد، لَقَب حُجَّة الاِسلَام (اسلام جو دليل) ۽ مبارڪ نالو محمد بن محمد غزالي شافعي آهي، پاڻ ۴۵۰ھ ۾ خراسان جي ضلعي طُوس جي علائقي طابِران ۾ پيدا ٿيا۔ (اتحاف السادة المتقين ،مقدمة الڪتاب ،۱/۹) ٭ حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شُمار انهن مُقدَّس هستين ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي سڄي زِندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ تبليغِ دين جي لاءِ وَقف ڪري ڇڏي هئي۔ ٭ حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِحياءِ دِين جي لاءِ اهڙا اهڙا ڪارناما سر اَنجام ڏنا جو پنهنجي وَقت جا مُجَدِّد ٿي مشهور ٿيا۔ ٭ حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ابتدا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان زندگي گذاريندا هئا پر بعد ۾ زُهد واري انداز کي اختيار فرمايائون۔ حضرت سَيدُنا ابُومنصور سعيد بن محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان فرمائن ٿا : جڏهن پهرين ڀيري حضرت سيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عالمانه شان وشوڪت سان بغداد ۾ داخل ٿيا ته اسان سندن لِباس ۽ سواري جي قيمت لڳائي ته اها پنج سو (500) دِينار (يعني 500 سؤ سون جا سِڪا) ٿي، پوءِ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زُهد ۽ تَقويٰ اِختيار ڪري بغداد ڇڏيائون ۽ مختلف مَقامن جو سفر ڪندا رهيا ۽ ٻيهر جڏهن بغداد ۾ داخل ٿيا ته اسان سندن لباس جي قيمت لڳائي ته اها پندرهن (15) قيراط (يعني ڪجهه معمولي سِڪا) ٿي۔“ (المنتظم في تاريخ الملوڪ والامم، ۹/۱۲۶، الجزء: ۱۷)

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ احياءُ العلوم

٭ امام غزالي جو ڪتاب احياء العلوماَخلاقيات جي مَوضُوع تي بي مثال ڪتاب آهي۔ ٭ احياء العلوم پڙھي آخرت جي تياري جو ذهن ٺهندو آهي، ٭”احياء العلوم“ آخرت جي تياري تي اُڀارڻ وارو ڪتاب آهي، ٭  احياءُ العلوم  نفس جي چُنگل مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو عظيمُ الشّان ڪتاب آهي، ٭ احياء العلوم بار  بار پڙھڻ لائق ڪتاب آهي۔ ٭ احياء العلوم ۾ ظاهري عُلُوم سان گڏوگڏ باطِني عُلُوم جو به بيان ڪيو ويو آهي۔ ٭ اِحياءُ العلومدُنيا سان گڏ آخرت کي به بهتر بنائڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ ”احياء العلوم“ شيطان جي شرارتن کي سڃاڻڻ جو مؤثر ذريعو آهي، ٭ احياء العلوم جو مُطالَعو ۽ ان ۾ بيان ٿيڻ