Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
دنيا جي مال جي بدلي آخرت جو نفعو ماڻيو
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صحابي رسول حضرت سَيدُنا زبير بن عوّام
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو دنيا جي مال جي بدلي آخرت ڪمائڻ جو جذبو مرحبا! اي ڪاش اسان به سندن نقشِ قدم تي هلڻ واريون بڻجي وڃون ۽ دنيا جي نفعي ۽ نقصان کي ذهن مان ڪڍي آخرت جي نفعي ۽ نقصان جو سوچڻ واريون بڻجي وڃون۔ اي ڪاش اسان به پنهنجن بزرگ سڳورن ۽ خاص ڪري صحابَه ڪرام جي نقشِ قدم تي هلڻ واريون بڻجي وڃون، اهي علم ۽ عمل جا پيڪر، فرض ۽ واجبن، سُنتن ۽ مُستحبن جا پابند، قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ وارا، روزن جا شوقين، ربّ جي رِضا جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ سان گڏوگڏ جنهن کي گنجائش هوندي هئي اهي ڪثرت سان صدقو ڪرڻ وارا هوندا هئا ۽ اهڙي طرح اهي الله پاڪ جي احڪامن تي عمل ڪندي آخرت جي تياري ۾ مصروف رهندا هئا۔
هينئر اسان حضرت سَيدُنا زبير بن عوام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ڪجھ تذڪرو ٻڌو، سندن عُرس مبارڪ هن مهينيجُمادَي الاُخريٰ ۾ آهي، اچو انهيءَ مناسبت سان سندن سيرت جا ڪجھ احوال مختصر طور ٻڌون ٿيون:
حضرت سَيدُنا زبير بن عوّام جو تذڪرو
10 اهڙا جَلِيلُ القَدر ۽ خُوش نصيب صحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين آهن، جن کي الله پاڪ جي عطا سان غيب جون خبروڻ ڏيڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مِنبر شريف تي بيهي هڪ هڪ جو نالي وٺي جنّتي هئڻ جي خُوشخبري ٻُڌائي۔ انهن ڏهن (10) خُوش نصيبن مان هڪ حَضرتِ سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به آهن۔ حضرت سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حُضُورِ اَڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُڦيءَ حَضرتِ صَفِيّه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا فرزند آهن۔ (ڪراماتِ صحابه، ص۱۲۰)
سندن نالو ”زُبَير“والد جو نالو ”عوّام“ آهي جڏهن ته اسلام قَبول ڪرڻ وارن ۾ حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو چوٿون يا پنجون نمبر آهي۔