Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
(اسدالغابه، ۲/۲۹۵)
غَزوَه خَندَق جي موقَعي تي بَنِي قُرَيظَه جي سرگرمين جي خبر حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي کڻي آيا هئا۔ هن ڪارنامي (Achievement) مان خوش ٿي رحمتن واري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايائون: هر نبي جو هڪ حَوَارِي (يعني جان نثار دوست) هوندو آهي ۽ منهنجو حَوَارِي زُبَير آهي۔ (تاريخِ دمشق،۱۸/۳۶۰)
حَضْرتِ سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نهايت ئي امانتدار هئا۔ سندن اَمَانَت ۾ دِيانَت جي سبب ماڻهو ڪثرت سان پاڻ وٽ امانتون رکرائيندا هئا۔ حَضرتِ سيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن جنگِ جُمَل ڇڏي واپس موٽي رهيا هئا، ته 11 جُمَادَي الاُخريٰ 36 ھ ابنِ جُرمُوز پيڇو ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڌوڪي سان شهيد ڪري ڇڏيو۔ (رياض النضرة، الباب السادس، الفصل التاسع، ۲/۲۸۹، الجزء الرابع،) سندن مَزَار مُبَارَڪ عِرَاق جي سر زمين تي جنهن علائقي ۾ واقع آهي، ان جو نالو ئي ”مَدِينَةُ الزُّبَير“ آهي۔ (هي بصره صُوبي جي وادي سِبَاع ۾ واقع آهي) (حضرت سيدنا زُبَير بن عوّام، ص۶۷) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً عقل مند اها ئي آهي جيڪا موت کان پهريان موت جي تياري ڪري، الله ۽ رسول جي حڪم جي مطابق زندگي گذاري، ربّ جا احڪام سمجھي، اُنھن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري، سعادت مند اها ئي آهي جيڪا سفرِ آخرت جي راهي بڻجڻ کان پهريان ئي زادِ راھ تيار ڪري، ياد رکو دنيوي زندگي بيحد مختصر آهي۔ ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي موت جي ويجھو ڪري رهيو آهي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي دُنيوي زندگي جي خاتمي ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي، ٭ اسان جو هر