Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ ترجمو: اي الله! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿي، الله پاڪ جي نالي سان اسان (گهر۾) داخل ٿياسين ۽ انهيءَ جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي رب ڪريم تي اسان ڀروسو ڪيوسين) (ابوداود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۶) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزي ۾ برڪت، ۽ گهريلو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ ٭ جيڪڏهن اهڙي گهر (توڙي جو پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جنهن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهيءَ سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (بهارِشريعت،حصّه۶ا ص۹۶،شرح الشّفاء للقاري،۲/۱۱۸) ٭ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿي؟ ٭ جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي.

 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!       آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو ”زندگي جو مقصد۔‘‘ اسان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي، اسان هن مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ ڪهڙا عمل ڪري رهيون آهيون ۽