Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته انسان هجي يا جانور چڱي صحبت سان فيضياب ٿيڻ وارو ڪو به محروم ناهي رهندو بلڪ ان تي ربّ ڪريم جو خاص فضل ۽ احسان ٿيندو آهي ۽ ان جو ٻيڙو پار ٿي ويندو آهي۔ هن پُرفتن دَور ۾ چڱي صحبت ماڻڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جو مشڪبار مدني ماحول به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ماحول جي صحبت سان ڪيتريون ئي بگڙيل اسلامي ڀينرن جي اصلاح جو سامان ٿي چڪو آهي ۽ توبه کان پوءِ هن مدني مقصد جي تحت زندگي گذاري رهيون آهن ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ“ تنهنڪري اسان سڀئي به هن مدني مقصد تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و پيش 107 شُعبن ۾ مدني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلسِ تاجرات“ به آهي، تجارت هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو هر ملڪ ۾ ڪرنگھي جي هَڏي جي حيثيت رکندو آهي، بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جي معشيت جو دارومدار تجارت تي هوندو آهي، پر بدقسمتي سان علمِ دين کان دوري جي سبب اڄ مسلمانن جو هڪ تعداد تجارت جي اسلامي سونهري اصولن تي عمل ڪرڻ کان پري آهي. جڏهن ته عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هڪ مجلس ”مجلسِ تاجرات“ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو ڪم شعبهء تجارت سان وابسته ماڻهن کي تجارت جي متعلق اسلامي تعليمات کان واقف ڪرائڻ آهي، ان ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي مدني ماحول سان وابسته ڪندي، مدني مقصد جي حصول ۽ بازارن ۾ مدني ماحول بنائڻ جي لاءِ مسجد يا ڪنهن به مناسب مقام تي مدني درس ڏيڻ جو اهتمام ڪرڻ آهي، جنهن کي چوڪ درس به چيو ويندو آهي. چوڪ درس کان علاوه مختلف وقتن ۾ ”تجارت ڪورسز“ ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، مدني چينل تي