Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا آخرت جي کيتي آهي، هتي جيڪو عمل ڪيو ويندو آخرت ۾ اهڙو ئي ميوو لُڻڻو پوندو، يقيناً سعادت مند آهن اهي اسلامي ڀينرون جيڪي دنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ۾ مصروف رهنديون آهن ۽ آخرت جي لاءِ نيڪ عملن جو تحفو کڻي وينديون آهن، آخرت جي تياري جو انداز ڪيئن هئڻ گھرجي؟ اڄ اسان هن موضوع تي مدني گل حاصل ڪنديون سين۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته موت آخرت جي سفر جي پهرين ڏاڪڻ آهي، جيڪڏهن سفرِ آخرت جي اها ئي پهرين منزل ئي نگاهن جي سامهون رهي ته بعد جي سفر کي بهتر بڻائڻ جو به ذهن بڻجندو، اهڙي طرح اهي ماڻهو جيڪي سفرِ آخرت جي تياري ۾ مشغول رهندا آهن، يعني الله پاڪ جا نيڪ